Wednesday , April 17 2024

خانواهڻ ۾ سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿيل نينگر ي روينا جا قاتل گرفتار نه ٿيا

ڪنڊيارو ( خاص نمائندو   سنڌ سماءَ چار)  پوليس خانواهڻ ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران قتل ٿي ويل 12 سالن جي نينگر جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آهي، روينا کي جوابدارن 3 ڏينهن اڳ قتل ڪيو هو. خانواهڻ  ويجهو ٽي ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل 12 ورهين جي نينگري جو ڪيس سندس ڀاءُ جي فرياد تي 8 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. نينگري روينا ڌيءُ قلندر بخش خشڪ جو ڪيس، سندس ڀاءُ جميل احمد خشڪ جي فرياد تي حسن شهيد ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس ۾ مولا بخش خشڪ، فرمان خشڪ، عرفان علي، امانت علي، صادق حسين، رياض احمد، اڪبر علي ۽ اشرف علي خشڪ کي نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس نامزد ڪيل جوابدارن کي اڇا تائين گرفتار ناهي ڪري سگهي. پوليس موجب قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ ڪيهرپور، سعيد خان خشڪ ۽ محمد حسن خشڪ ۾ ڇاپا هنيا ويا آهن پر جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، جن کي جلد  گرفتار ڪيو ويندو. نينگري روينا جي وارثن دانهيندي چيو آهي ته، پوليس ڄاڻي واڻي ڪيس داخل ڪرڻ ۾ دير ڪئي، جنهن سبب جوابدارن کي وٿي ملي وئي. وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *