Tuesday , April 23 2024

خانواهڻ جي لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 6 ڄڻا مارجي ويا

خانواهڻ ۾ سڱاوتي تڪرار 6 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون، پوليس خاموش تماشائي بڻيل

نوشهرو فيروز (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) خانواهڻ ويجهو ڳوٺ محمد ايوب لاشاري ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار 6 حياتيون ڳڙڪائي ويو، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 ڦٽجي پيا، ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 حملو ڪندڙ به مارجي ويا. ڳوٺ محمد ايوب لاشاري ۾ لاشاري برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾پراڻي سڱاوتي تڪرار تان هڪ ڌر جي 7 کان وڌيڪ هٿياربندن مخالف ڌر جي گهرن تي حملو ڪري انڌادنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن ۾ محمد خان لاشاري، سندس پٽ ضمير حسين، محمد بچل ۽ شمشاد علي ٿڏي تي مارجي ويا، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ محمد عليم، ساجد علي ۽ الهورايو لاشاري سخت زخمي ٿي پيا، ڳوٺاڻن  جو چوڻ آهي ته حملي دوران متاثر ڌر جي ماڻهن به جوابي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ حملو ڪندڙ 2 ڄڻا الهه رکيو موجائي ۽ گامڻ لاشاري به مارجي ويا. 6 ڄڻن جي اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي محرابپور ۽ ڊي ايس پي ڪنڊيارو پوليس اٽالا ساڻ ڪري واقعي واري ھنڌ پھچي ويا، جن فائربندي ڪرائي مارجي ويلن جا لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. پوليس اڃا تائين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *