Saturday , April 20 2024

حڪومت ۽ صدر عارف علوي آمهون سامهون، صدر پاران آرڊيننس جاري ڪرڻ کان انڪار

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار)  اتحادي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جو صدر عارف علوي آمهون سامهون ٿي ويا، صدر عارف علوي حڪومت پاران مني بجيٽ لاءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، صدر جي انڪار کانپوءِ وفاقي ڪابينا فنانس بل منظوري ڪري ورتو، ٽيڪس بل 2023 اڄ ئي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. حڪومتي سمري ملڻ کانپوءِ صدر عارف علوي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس سڏائي ورتا آهن، قومي اسيمبلي جو اجلاس منجهند جو ساڍي ٽين وڳي ۽ سينيٽ جو اجلاس ساڍي چئين وڳي ٿيندو. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ فنانس بل پيش ڪيو ويندو. بل پيش ڪرڻ بعد سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ناڻي واري وزارت جي اسٽينڊنگ ڪميٽين ڏانهن اماڻيا ويندا. حڪومت مني بجيٽ 16فيبروري تائين ٻنهي ايوانن مان منظور ڪرائڻ کانپوءِ بل صحيح لاءِ صدر عارف علوي ڏانهن موڪلي ڇڏيندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *