Thursday , March 28 2024

حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ نئين تڪرار لاءِ ميدان تيار

حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ نئين تڪرار لاءِ ميدان تيار، حڪومت آئيني طور مجبور

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) تحريڪ انصاف جي حڪومت لاءِ پريشانيون گهٽجڻ بدران وڌي رهيون آهن، آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ، نوازشريف جي علاج، جي يو آءِ جي آزادي مارچ، پرڏيهي چندي ڪيس کان کانپوءِ پي ٽي آءِ جي حڪومت خاص طور تي وزيراعظم عمران خان لاءِ پريشانيون گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن. چيف اليڪشن ڪميشنر آف پاڪستان جسٽس رٽائرڊ رضا هراج ايندڙ مهيني رٽائر ٿيڻ وارو آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ اندر آئيني بحران پيدا ٿيڻ جا امڪان وڌندي نظر اچي رهيا آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ اپوزيشن ليڊر ۽ وزيراعظم وچ ۾ گڏيل صلاح مشوري بعد ئي چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري عمل ۾ ايندي آهي. ارڙهين ترميم کان پوءِ وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر پاران 3-3 نالا تجويز ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق ڪرڻو هوندو آهي. شحباز شريف هن وقت ملڪ ۾ موجود ناهي، جنهن جي 15ڊسمبر کان اڳ واپسي جو ڪو به امڪان ناهي، انڪري چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ اپوزيشڻ ۽ حڪومت وچ ۾ هم آهنگي وارو عمل وقتائتو مڪمل ٿي وڃڻ جو امڪان نظر نه ٿو اچي.

چيف اليڪشن ڪمشنر آف پاڪستان جسٽس رٽائرڊ رضا هراج خان ايندڙ مهيني پندرهين ڊسمبر تي رپنهنجي عهدي تان رٽائر ٿي ويندو، ان کان اڳ به حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ رابطا ٿي سگهن ٿا، اپر اهڙو ماحو نظر نه پيو اچي، نه ئي وري ان کان پوءِ به ڪو تڪڙو رابطو ٿيڻ جو ڪو امڪان آهي. ان کان پهريان به سنڌ ۽ بلوچستان مان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري اڃان تائين ن اهي ٿي سگهي. انڪري 5 ڊسمبر تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ آئيني طور تي اليڪشن ڪميشن غير فعال ٿي ويندي، 5 ڊسمبر کان پهريان سنڌ ۽ بلوچستان صوبن جي اليڪشن ڪميشن ۾ ميمبرن جي مقرري نه ٿي ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر به رٽائرڊ ٿي ويو ته اليڪشن ڪميشن غير فعال ٿي ويندو، ان صورت ۾ ضمني چونڊون، بلدياتي چونڊون ڪرائڻ آئيني طور تي ناممڪن ٿي ويندو، ٻئي طرف 31 ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب فتح محمد جي به مقرري جي مدت پوري ٿي رهي آهي.

حڪومت ۽ سول بيورو ڪريسي ۾ تڪرار، ڪهڙو رخ اختيار ڪندو

(هي خبر سنڌسماءَچار 15نومبر تي هلائي  هئي رڪارڊ ۾ موجود آهي)

ذريعن جي دعويٰ موجب حڪومت، اسٽبلشمينٽ ۽ سول بيوروڪريسي وچ ۾ به تڪرارتيز ٿي ويو آهي. سنڌسماءَچار کي اعتماد جوڳن ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، وزيراعظم عمران خان پاران گذريل ٻن هفتن دوران جاري ڪيل اهم هدايتن تي عملدرآمد ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ روڙا اٽڪايا ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت سطح تي انتهائي اهم نوعيت جا معاملا رولڙي جو  شڪار ٿي ويا آهن، جيڪي ڪوششن جي باوجود سِڌا ٿي ناهن سگهيا. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق اهم نوعيت جي معاملن بابت  وزيراعظم جي تجويزن کانپوءِ لاپايل اختيارين پاران نوٽيفڪيشن / واپسي جا خط جاري ڪري لاڳاپايل اختيارين ذريعي منظور ڪرائي  ته ويا آهن، پر ڪجهه ڌريون ان هن کلي عملي جامون پارائڻ ۽ خيرخوبي سان معاملا حل ڪرڻ ۾ روڙا اٽڪائي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ جي حگھڪومت خاص طور تي وزيراعظم عمران خان، صد ڊاڪٽر عارف علوي ڏکيائين کي منهن ڏئي سگهن ٿا. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي انهن معاملن  ۾ رڪاوٽ جو اهم حصو آهي، جيڪو آئيني، قانوني ۽ پارلياماني معاملن ۽ پيچيدگين کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿو، جنهن وزيراعظم کي اهم فيصلن ڪرڻ کان پهريا سموريون آئيني ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي پر بدقسميتي سان وزيراعظ۾ ان تي عمل نه ڪيو هو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اُها ڇڪتاڻ پهرين مرحلي تي وزيراعظم پورٽل تي ايندڙ  شڪايت جو صحيح ازالو نه ڪرڻ، وزيراعظم کي ان سلسلي ۾ صحي رخ ۾ گائين نه ڪرڻ  تي وزيراعظم عمران خان پاران سخت ڪاوڙ جو اظهاري ڪري معاملي جي جاچ جو به حڪم ڏئي چڪو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *