Thursday , March 28 2024

حڪومت ڪجهه به ڪري پي ڊي ايم حڪمرانن کي اين آر او نه ڏيندي: مريم نواز

مان بلاول ڀٽو زرداري سان گڏجي مينار پاڪستان اينديس: مريم نواز

لاهور(سنڌسماءَچار نيوز ) نون ليگ جي سينئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته حڪومت کي جيتريون رنڊڪون وجهڻيون ۽ جيڪو ڪرڻو هي ڪري ڇڏي پر مينار پاڪستان تي جلسو هر حالت ۾ ٿيندو، مان بلاول ڀٽو زرداري سان گڏجي جلسي گاهه پهچنديس. رات دير سان پي ڊي ايم جي جلسي جي تيارين ۽ اسٽيج جو معائنو ڪرڻ بعد مينار پاڪستان گرائونڊ ۾موجود ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ۽ پنهنجي ٽويٽ ۾ مريم نواز چيو ته، مينار پاڪستان باغ ۾ جلسو سڀاڻي شام (اڄ آچر جي شام) جو آهي پر اڄ (ڇنڇر) شام کان ئي ڪارڪن پهچڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ گريٽر اقبال پارڪ ۾ ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن، اڃا ماڻهو رات جو ئي پهچي رهيا آهن. مريم نواز چيو ته، حڪومت ملتان ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، ملتان وارو هڪ ڏينهن جو جلسو هو پر حڪومتي ڪاررواين سان اهو ٽن ڏينهن تائين جاري رهيو، هاڻي به لاهور جلسي کي روڪڻ چاهي ٿي ته روڪي ڏکاري ته ”لگ پتا جائيگا“. مريم نواز چيو ته آچر تي جلسي مان پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زردري سان گڏجي مينار پاڪستان جلسي ۾ اينديس. هن چيو ته حڪمران پي ڊي ايم جي تحريڪ کان گهٻرائجي وائڙا ٿي ويا آهن هاڻي پي ڊي ايم حڪمرانن کي اين آر او نه ڏيندي، اڄ جو جلسو حڪومت لاءِ آخري ڌڪو ثابت ٿيندو.

لمس ڄامشورو ۾500 کان وڌيڪ ملازمن جي غيرقانوني ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف،پرو-وي سي تي پارٽ ٽائيم دوران پي ايڇ ڊي جو الزام

استعيفائون ٻيون به گهڻيون پر شازيا سنگهار جي استعيفا جي ڳالهه ٻي آ…

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *