Thursday , March 28 2024

حڪومت پاران وڪري لاءِ پيش ڪيل هيليڪاپٽر اڏامندا به يا نه؟

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي تي آءِ جي وفاقي حڪومت پاران جن چئن هيليڪاپٽرز جي وڪري جو اعلان ڪيو آهي انهن جي ناڪارا هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، صحافي آصف فاروقي جو چوڻ آهي ته چارئي هيليڪاپٽر خراب پيل آهن ۽ جيڪڏهن انهن جي مرمت ڪري وڪرو ڪيا ويا ته احي بچت بدران خزاني تي بار بڻجي سگهن ٿا. اهي چارئي هيلڪاپٽر پاڪستان حڪومت کي آمريڪا پاران ڏنا ويا هئا، جيڪي گذريل وڏي عرصي کان خراب بيٺل آهن ۽ انهن جا اسپيئر پارٽس گهرائڻ لاءِ گذريل حڪومت ڪو به فيصلو نه ڪري سگهي هئي.بي بي سي جي رپورٽ مطابق، وفاقي سرڪار پاران هيليڪاپٽرز جي وڪري واري اعلان کانپوءِ، لاڳاپيل اختيارين ڪابينا ڊويزن کي هڪ خط لکي حقيقتن بابت مڪمل ڄاڻ مهيا ڪري ڇڏي آحي، انه ن  خط ۾ ئي انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اهي هيليڪاپٽر اڏامڻ جي قابل ناهن رهيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، بيل هيليڪاپٽر ڪمپني جا ٻه هيليڪاپٽر UH – 1H ماڊل وارا 1971 ۽ 1974 جا آهن ۽ باقي ٻه هيليڪاپٽر 1992-1993 جا آهن. انهن ٻن هيليڪاپٽرز لاءِ آسرو ڪري سگهجي ٿو ته مرمت بعد اڏامڻ جي قابل بڻائي سگهجن ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *