Friday , March 29 2024

حڪومت جنهن کي چاهي گرفتار ڪري اپوزيشن جي تحريڪ وڌيڪ مضبوط ٿيندي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته، حڪومت اپوزيشن جي اتحاد پي ڊي ايم کان ڊڄي وائڙي ٿي وئي آهي. شهباز شريف جي گرفتاري تي رد عمل ظاهر ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهباز شريف جي گرفتاري سان ثابت ٿي ويو آهي ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ عوام آڏو پڌرو ٿي ويو آهي. بلاول جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته، نيب شهباز شريف جي گرفتاري بعد ڪنهن کي به گرفتار ڪري پر اپوزيشن جي تحريڪ ڪمزور نه ٿيندي ۽ هاڻي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي اعلانيل تحريڪ نه رڪجندي ۽ ان ۾ اڃا وڌيڪ تيزي ايندي.

نون ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته شهباز شريف جي گرفتاري نيازي احتساب جو ثبوت آهي، شهباز شريف کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، نون ليگ سميت سموري اپوزيشن حڪومت جي نشاني تي آهي، نيب عمران خان جي ڀيڻ، پشاور بي آر ٽي منصوبي ۽ پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس ۾ اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، نيب کي رڳو مخالف ڌر جي ڪرپشن نظر اچي رهي آهي، اهو احتساب نه پر احتساب جي نالي تي ڊڪٽيٽرشپ قائم ڪرڻ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *