Wednesday , April 24 2024

حڪومت اعلان ڪري ته پاڪستان عالمي يتيم خانو آهي:اختر جان مينگل

اسلام آباد( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته اختر مينگل چيو ته، جيڪڏهن هي قومي سلامتي جو معاملو آهي ته پوءِ ان تي بحث ڇو نه ٿو ڪرايو وڃي؟ حڪومت اعلان ڪري ڇڏي ته پاڪستان عالمي يتيم خانو آهي. برمين، افغانين، بنگالين ۽ ٻين غير قانوني طور ترسيل پناهگيرن کي پاڪستان جي شهريت ڏئي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جاري ڪرڻ واري وزيراعظم جي اعلان بابت قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي بي اين پي جي سربراهه اختر جان مينگل چيو ته، افغانين ۽ ٻين غير قانوني ترسيل پرڏيهين کي شهريت ڏيڻ انتهائي حساس معاملو آهي، ان تي  بحث ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته پرڏيهين کي انسانيت جي بنياد تي شهريت ڏيڻ جي ڳالهه ته ڪئي وڃي ٿي پر بلوچن کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ انسان به نه ٿو سمجهيو وڃي. ان مسئلي تي ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نفيسا شاهه چيو آهي ته حڪومت پناهگيرن جي معاملي تي يوٽرن تي يوٽرن وٺي رهي آهي، ڇا دبئي ۽ سعودي عرب ۾ اسان جي ماڻهن کي شهريت ڏني ويندي، هر ڳالهه مديني رياست سان جوڙي پئي وڃي. وزيراعظم کي ته ڪراچي جي اصل مسئلن جي به خبر نه آهي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي نفيسه شاهه چيو ته تحريڪ انصاف يوٽرن تي يوٽرن وٺي رهي آهي. هن چيو ته، اسان جي ملڪ ۾ سٽيزن شپ جو قانون واضح آهي، ڇا سعودي عرب ۽ دبئي ۾ اسان جي ماڻهن کي شهريت ڏني ويندي آهي؟ نفيسه شاهه چيو ته، توهان سعودي عرب پنڻ ويا، اتي وڃي انهيءَ معاملي تي ڳالهايو ها ته انهن کي شهريت ڏني وڃي. پيپلزپارٽي جي ميمبر  چيو ته، حڪومت جي هن رويي تي حيرت آهي، پي ٽي آءِ پهرين ڪم ڪري پوءِ سوچي ٿي. هن چيو ته شهريت هڪ اهم معاملو آهي، ڇا  وزيراعظم کي ڪراچي جي حساسيت جو احساس آهي. پندرهن سال اتي سول وار رهي آهي. نفيسه شاهه چيو ته وزيراعظم کي ڪراچي جي اصل مسئلن جي به خبر نه هوندي، هتي پاڻي سميت ٻيا به ڪيترائي مسئلا آهن. اختر مينگل چيو ته اسان وٽ غير قانوني ترسيل ماڻهن جا انگ اکر به ناهن، جيڪڏهن ڪو هن ملڪ ۾ غيرقانوني پڪڙجي ويندو آهي ته مٿس رڳو پنج سئو ڏنڊ وڍو ويندو آهي. سرحدي معاملن واري وزير  چيو ته، پوليس ۽ عدالتي نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ ڊرافٽ تيار ٿئي رهيو آهي. سرحدي معاملن واري وزير  چيو ته فاٽا ۾ صنعتن کي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي. حنا رباني کر چيو ته وزيراعظم هن وقت پي ٽي آءِ جو ليڊر نه پر هڪ رياست جو چيف ايگزيڪٽو آهي، سندس بيان رياست جا بيان سمجهيا ٿا وڃن. حنا رباني کر  چيو ته، حڪومت غيرذميوارڻو مظاهرو ڪري افغان مهاجرن بابت بيان ڏنو. رياست جا سربراهه ڪڏهن به يوٽرن ناهن وٺندا. حنا رباني کر چيو ته حڪومت کي افغان مهاجرن جي مسئلي کي سنجيدگي سان وٺڻو پوندو، افغان مهاجرن جو مسئو سڄي پاڪستان جو مسئلو آهي. سرحدي معاملن واري وزير علي محمد خان رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ بعد اختيارن جي منتقلي وارو مرحلو جاري آهي، اتي جلد مڪاني چونڊون به ڪرايون وينديون.

(اڄڪلهه پيپلز پارٽي بنگالين، برمين ۽ افغانين سميت ٻين پناهگيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ واري وزيراعظ۾ جي فيصلي تي تنقيد ڪري پئي. هي هيٺ ڏنل لنڪ ڪلڪ ڪري ضرور پڙهجو ۽ شيئر ڪري عوام تائين پهچائجو)

اسان بنگالين ۽ ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ تحفظ ڏيندا رهنداسين، ڪنهن تڪليف ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي: نثار کهڙو

پيپلز پارٽي پاران بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏنا ويندا،سرڪاري نوڪريون به ڏينداسين:نثار کهڙو/ ڊاڪٽر عاصم/ وقار مهدي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *