Thursday , March 28 2024

حڪومت ادارن جي سربراهن ڪالاباغ ڊيم تي ڪم ڪرڻ کان چيف جسٽس کي جواب ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) مختلف وفاقي ادارن جي نمائندن چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار کي ڪالاباغ ڊيم تي ڪم ڪرڻ جواب ڏئي ڇڏيو آهي، ؟؟؟چيف جسٽس جي صدارت هيٺ پاڻي ذخيرن بابت اجلاس ۾ حڪومتي ادارن بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته مڪمل اتفاق راءِ نه هئڻ سبب ڪالاباغ ڊيم ٺاهي نه ٿو سگهجي، ڀاشا ڊيم تي ڪم ڪري سگهجي ٿو. اسلام آباد ۾ چيف جسٽس جي صدارت هيٺ ڊيمن بابت جلاس ۾ پلاننگ ڪميشن، قانون واري وزارت، پاڻي واري وزارت ۽ ارسا جا نمائندا شريڪ ٿيا.چيف جسٽس جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ حڪومتي ادارن بريفنگ ڏيندي ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ کان لاچاري ڏيکاري ڇڏي. حڪومتي ادارن جي بريفنگ ڏيندي چيو ته رڳو ڀاشا ڊيم تي اتفاق آهي، ان تي ڪم ڪري سگهجي ٿو.

اجلاس ۾ چيف جسٽس نوَن پاڻي ذخيرن جي تعمير بابت اعتزاز احسن، حميد هارون ۽ شمس الملڪ تي ٻڌل ڪميٽي به جوڙي ورتي آهي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته چئني صوبن کي قرباني ڏيڻي پوندي، ڪالاباغ ڊئم جو ذڪر نٿا ڪريون، پاڪستان ڊئم لاءِ حل ڳولڻو پوندو. هن چيو ته عدالت پاڻي معاملي ۾ مداخلت نه ٿي ڪرڻ چاهي، پر بنيادي حقن واري آرٽيڪل تحت جائزو وٺي سگهجي ٿو. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ايندڙ ڏينهن ۾ پاڻي بنيادي مسئلو هوندو، پاڻي اسان جي بقا جو اشو آهي، پاڙيسري ملڪن ۾ ڊيم ٺهڻ سان اسان تي منفي اثر پوندا. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ڪالاباغ ڊيم جي معاملي تي اسان شمس الحق کي ٻڌنداسين، نيٺ ڪنهن نه ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين.

هن چيو ته ان معاملي تي اسان کي سنجيده ٿيڻو پوندو، انهي جا ملڪ جي مفاد ۾ اثر نڪرندا، پر ڪالاباغ ڊيم تي صوبن ۾ اختلاف آهن. چيف جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ هو ته ڪالاباغ ڊيم تي صوبا ورهايل آهن، ان صورت ۾ ٻين آپشنز  تي غور ڪرڻو پوندو،  اهو قرض لاهڻ کان سواءِ  اسان کي ڪيترائي معاشي چئلنج سامهون آهن. اجلاس ۾ جلدي ڊيمن جي تعمير ۽ پاڻي کوٽ جي خاتمي جي لاء پاڻي کانفرنس گھرايڻ تي بہ اتفاق ڪيو ويو ۽ ان سلسلي ۾ چيف جسٽس نگران وزيراعظم سان به ملاقات ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *