Wednesday , April 24 2024

حيدر آباد ۽ ملير پريس ڪلب جا مالي معاملا ۽ ميمبرشپ جا مامرا سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويا

Hydabad press club 1

ملير جي سينيئر صحافي مصري ملاڻي ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر محمد جعفر ميمڻ پنهنجي سينئر ائڊووڪيٽ منظورحسين کوسو , ساٿي ائڊووڪيٽ محمد يعقوب لاکير ، ائڊووڪيٽ عبدالرزاق ٽالپر جي معرفت سنڌ هاء ڪورٽ ڪراچي ۾ هڪ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي، جيڪا سنڌ ھائي ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب جسٽس احمد علي شيخ صاحب ڪراچي ۾ ٻڌڻ لاء منظور ڪري ڇڏي آهي۔ پٽيشن ۾ عدالت سڳوري کي آگاهي ڏني وئي آهي ته ملير ۽ حيدرآباد پريس ڪلبن ۾ آئين کان مٿانهان ڪم ڪيا پيا وڃن ۔ هڪڙي پاسي هڪ هٽي قائم ڪري ميمبرشپ بند رکي ٿي وڃي ته وري ٻي طرف غير عامل صحافين کي ميمبر شپ ۾ شامل رکي نوجوان صحافين جا حق ماريا پيا وڃن۔ پٽيشن ۾ ڪورٽ سڳوري کي استدعا ڪندي پٽيشنرن لکيو آھي ته ڪراچي ملير حيدرآباد سميت سڄي سنڌ جي پريس ڪلبن تي ڪوڙا هٿرادو ميمبر آھن جيڪي سرڪاري نوڪريون به ڪن ٿا ۽ پريس ڪلب جي ميمبرشپ به برقرار رکيو اچن.

jaffar_memonHydabad press club 1

پٽيشن ۾ اعلي عدالت کي آگاھ ڪيو ويو آهي ته حيدرآباد پريس ڪلب وٽ 20 سالن کان مئنيجر رکيو نٿو وڃي جڏھن ته ان عرصي دوران ڪرڙين روپين جي آمدني ٿي آهي ۔ ساڳي ئي عرصي دوران آڊٽ رپورٽ به ناهي ٺاهي وئي ۔ ڪجھ ماڻھون ڪلب جي اڪائونٽ مان پئسا ڪڍي پنهنجن ذاتي ڪاروبارن ۾ استعمال ڪندا رهيا آهن ۔ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته سنڌ سرڪار کان خريد ڪيل زمين کي پلاٽن جي شڪل ۾ صحافين کي ڏيڻ بجاء سرڪاري ملازمن کي به ڏيڻ واري طريقي تي عمل ڪيو پيو وڃي ۔ پٽيشن ۾ وڏا انڪشاف ڪندي ڊيوئل ميمبر شپ ۽ بوگس ميمبرشپ کان علاوه ڪوڙي ميمبرشپ مان ٻيون کوڙ ساريون رعايتون، فنڊن ۽ پلاٽن ۾ حصاپتيون مائٽن مٽن کي پڻ پلاٽ ڏيڻ جا انڪشاف ٿيل آهن ۔ هن پٽيشن ۾ ملير پريس ڪلب جي صدر / سيڪريٽري ، حيدرآباد پريس ڪلب جي اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين ، صدر / سيڪريٽري ، سنڌ جي چيف سيڪريٽري ، نيب سنڌ ، اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري ، ڊي جي ايڇ ڊي اي حيدرآباد / ملير ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي ۔

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *