Friday , March 29 2024

حيدر آباد ڊويزن جي 4 هزار 398 پولنگ اسٽيشنز مان 797 انتهائي حساس قرار

حيدر آباد(  رپورٽر   سنڌسماءَچار) 25 هين جولاءِ اربع (سڀاڻي) ٿيندڙ عام چونڊن دوران اليڪشن ڪميشن حيدرآباد ڊويزن جي  4 هزار 398 پولنگ استيشنز مان 797 انتهائي حساس قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جن ۾ ڪلوز سرڪٽ ڪئميرائون لڳائڻ وارو ڪم 65 سيڪڙو مڪمل ڪيو ويو آهي. حيدر آباد ڊويزن جي  4398 پولنگس اسٽيشنز مان 797 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس ۽ 951 پولنگس کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، انتهائي حساس قرار ڏنل پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳائي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ملڪ ۾ 25 جولاءِ تي رٿيل اليڪشن لاءِ حيدرآباد ضلعي جي ڪل 850 پولنگ اسٽيشنز مان 95 پولنگ اسٽيسنز کي انتهائي حساس ۽ 114 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. ٺٽي ضلعي ۾ ٽوٽل 497 پولنگ اسٽيشنز مان 15 پولنگ اسٽيسنز کي انتهائي حساس ۽ 16 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. حيدر آباد ڊويزن جي بدين ضلعي جي ڪل 651 پولنگ اسٽيشنز مان 197 پولنگس کي حساس ۽ 297  پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس قرارڏنو ويو آهي. ڊويزن جي ڄامشوري ضلعي ۾ ٽوٽل 451 پولنگ اسٽيشنز مان 135 پولنگ اسٽيشنز کي حساس ۽ 125 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ ڪل 284 پولنگ اسٽيشنز مان 100 پولنگ اسٽيشنز کي حساس ۽ 50 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. دادو ضلعي ۾ ٽوٽل 658 پولنگ اسٽيشنز مان  200 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس ۽ 142 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. مٽياري ضلعي ۾ ٽوٽل 361 پولنگ اسٽيشنز مان 100پولنگ اسٽيشنز کي  حساس ۽ 70 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. سجاول ضلعي ۾ ٽوٽل 327 پولنگ اسٽيشنز مان 15 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس ۽ 22 پولنگ اسٽيشنز کي حساس  قرار ڏنو ويو آهي. ٽنڊو الهيار ضلعي ۾ ٽوٽل 319 پولنگ اسٽيشنز مان 25 پولنگ اسٽيشنز کي حساس ۽ 30 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

اليڪشن 2018: سنڌ ۾ خيرپور ضلعو پهرين ۽ ڪورنگي ٻئي نمبر انتهائي حساس،فوج مقرر

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *