Friday , March 29 2024

حيدر آباد شهر جو ٻيڙو غرق ۽ واڌو واهه کي گٽر نالو بڻايو ويو آهي: جسٽس ( ر ) امير هاني مسلم

ڪراچي( رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) پاڻي ڪميشن سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم چيو آهي ته، حيدر آباد ڊيولپمينٽ اٿارٽي واڌو واهه کي گٽر نالو بڻائي شهر جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي. ڪميشن گندي پاڻي جي نالن جي صفائي ۽ شهر ۾ ترقياتي ڪمن جي طريقيڪار بابت 31 مارچ تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جسٽس امير هاني مسلم، ڊي جي حيدر آباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي اختيارين کي مخاطب ٿيندي چيو ته ان شهر جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي انهن بندن جي اندر هائوسنگ اسڪيم قائم ڪري ڇڏي آهي ۽ واڌو  واهه کي گٽر لائين بڻائي ڇڏيو.

پاڻي ڪميشن جي ڪارروائي جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. سي پي ايل سي جي اڳوڻي سربراهه جميل يوسف آگاهي ڏني ته بحريا ٽائون ۽ اي ايس ايف ۾ غيرقانوني اڏاوتون جاري آهن، جنهن تي امير هاني مسلم چيو ته ڪميشن وٽ آئيني درخواستون ٻڌڻي جو اختيار ناهي، هي معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪريو.ڪميشن سربراهه، وسيم اختر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان کي ته نالن جي صفائي بابت رپوٽ ڏيڻي هئي، مون پاڻي جي نالن جو دورو ڪيو پر ڪم نظر نه آيو. ڪي ايم سي اختيارين جواب ڏنو ته 80 سيڪڙو نالن جو  ڪم ٿي چڪو آهي.

واڌو واهه جو هڪ ڏيک، جنهن ۾ گٽر نالو بڻيل آهي – فوٽو سنڌسماءَچار

وسيم اختر ڪميشن کي ٻڌايو ته آفيسر پي ايس ايل ۾ مصروف هئا، ندي ويڪري ڪرڻ وارو ڪم نه ٿي سگهيو آهي، جنهن تي امير هاني مسلم چيو ته پي ايس ايل ۾ انهن جو ڇا ڪم هو، آچر تي ايونٽ ختم ٿي ويو، سومر تي ڇا ڪيو؟. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر چيو ته هڪ هفتي جي مهلت ڏيو خيام نهر تي ڪم مڪمل ڪري وٺنداسين، جڏهن ته وسيم اختر چيو ته سنڌ حڪومت کان فنڊز ملندي ئي نالن جي صفائي شروع ڪئي ويندي. وسيم اختر چيو ته ڪجهه اهڙا هنڌ آهن جتان گند نٿا کڻي سگهون، جنهن تي امير هاني مسلم چيو ته اهڙن نالن جي نشاندهي ڪريو ته جيئن مسئلو حل ڪري سگهون.

وسيم اختر کي مخاطب ٿيندي امير هاني مسلم چيو ته اسان چاهيون به ته اوهان کي اختيار نٿا ڏياري سگهون، جڏهن ڊي ايم سيز اختيار ئي سالڊ ويسٽ کي ڏئي ڇڏيا آهن ته ڪير ڪجهه ڪري سگهي ٿو؟. پي سي ون گجر نالي جي صفائي ۽ ويڪر جي معاملي تي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر آگاهي ڏني ته منصوبي جو 80 سيڪڙو پيسو ڪم تي لڳي چڪو آهي. ڪميشن سربراهه، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪي معاملا اوهان هلائي رهيا آهيو ان ريت نٿا هلي سگهن، ٻڌايو ته نالن تان حد دخليون ۽ رڪاوٽون ڪيئن ختم ڪري سگهجن ٿيون. جنهن تي وسيم اختر چيو ته ان جو حل حڪومت کي ڪڍڻو پوندو، مسجد، مدرسا، اسڪول ۽ ڪاليج تعيمر ٿيل آهن ۽ اهي ماڻهو ليز وٺي ويٺا آهن، جنهن تي امير هاني مسلم چيو ته قانون ۾ اهڙي ڪا شيءِ موجود نه آهي، جيڪڏهن اهڙو قانون آهي به ته غلط آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *