Thursday , April 25 2024

حيدرآباد ۾ ٽنڊو محمد خان روڊ تي حادثو، 11 ڄڻا فوت

حيدرآباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) هُوسڙي واري علائقي ۾ ٽنڊو محمد خان روڊ تي تيز رفتار ڊمپر مسافرن سان ڀريل سوزوڪي پڪ اپ کي چٿاڙي ڇڏيو، حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سمييت 11 ڄڻن جي زندگين جا ڏيئا اجهامي ويا،5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٽنڊو محمد خان روڊ تي ٽرڪ ۽ سوزوڪ-اپ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن سميت 11 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا. حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن ۾ ساجده، حنا، فريده، ريحانا، شبانا، صفيا، انيتا ڪولهي، ياسمين، نسرين، سوزوڪي ڊرائيور زبير احمد فوت ۽ 11 ورهين جي صدف ۽ ٻيا شامل آهن. حادثي جي زخمين ۾ 35 ورهين جي سائره ۽ 30 ورهين جي بشريٰ شامل آهن. فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ايڌي رضاڪارن ۽ پوليس سول اسپتال حيدر آباد منتقل ڪيو. جتي ضروري قانوني ڪارروائي بعد مڙهه وارثن جي حوالي ڪيا ويا. زخمين جو علاج هلندڙ آهي جن مان ٻن جي حالت اڃا سوڌو ڳڻتي جوڳي آهي. حادثي ۾ فوتين ۽ زخمين بابت پوليس جو چوڻ آهي ته سمورا ماڻهو لطيف آباد جا رهواسي آهن ۽ هڪ نجي ڪمپني ۾ ڪم ڪندا هئا؛ جيڪي ٽنڊُ محمد خان وڃي رهيا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *