Wednesday , April 24 2024

حيدرآباد مان ڪرپشن جي الزام هيٺ اڳوڻو اڪائونٽس آفيسر گرفتار

   mushtaq sheikh4   mushtaq sheikh1

نيب حيدر آباد ۾ ڪارروائي ڪري اڳوڻي اسسٽنٽ اڪائونٽس آفيسر کي گرفتار ڪري سندس گهر مان ڪروڙين رپين جي ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي، پرائيز بانڊز، سون ۽ قيمتي گاڏيون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ۾ ڪارروائي دوران اڪئونٽس آفيسر مشتاق احمد شيخ کي گرفتار ڪريو ويو آهي. اڳوڻي اڪائونٽس آفيسر جي گهر مان 17.3 ملين رپيا روڪ، 37 هزار 16 سعودي ريال روڪ رقم، پراڊو جيپ سميت 5 قيمتي گاڏيون، جن جي ماليت سواڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي، پوڻان ٽي ڪلو سون، جنهن ۾ سونا زيور ۽ سونيون ڳيٽيون (گولڊ بسڪيٽ) به شامل آهن. نيب ذريعن موجب گرفتار ڪيل اڪائونٽس آفيسر مشتاق احمد شيخ جي نشاندهي تي سندس گهر ۽ ٻين هنڌن تي رکيل، ڊفينس ڪراچي جي ٻن بنگلن، بحرياٽائون ۾ قيمتي پلاٽ ۽ فيلٽس، حيدر آباد ۾ ٻن قيمتي فليٽس جا ڪاغذ به هٿ ڪيا آهن.

mushtaq sheikh money1mushtaq sheikh6

نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته، جوابدار وٽ هالا، مٽياري، ٽنڊوالهيار ۽ حيدرآباد ۾ قيمتي زرعي زمين به آهي ۽ مٽياري ۾ 25 ايڪڙن کان وڌيڪ واري ايراضي تي مشتمل هڪ فارم هائوس جا به دستاويز مليا آهن، جن جي ماليت ڪروڙين رپيا ٻڌائي پئي وڃي.

mushtaq sheikh6Amushtaq sheikh2mushtaq sheikh6aa

نيب عملدارن موجب مشتاق شيخ جي گهر مان هٿ آيل سون جنهن ۾ سونا زيور جيڪي قيمتي پٿرن سان سينگاريل آهن، سونيون ڳيٽيون (گولڊ بسڪيٽس) جو وزن 3 ڪلوگرام کان به وڌيڪ آهي.

mushtaq sheikh5mushtaq sheikh1

نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل اڪائونٽس آفيسر مشتاق احمد شيخ، ڪيترن ئي سياسي شخصيتن جو فرنٽ مين به آهي، ان بابت کائنس پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي. مشتاق شيخ کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي، ان جي مائٽن، توڙي سندس نالي تي وڌيڪ هر ٿيڻ جا امڪان آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *