Tuesday , April 23 2024

حيدرآباد: نابالغ ڇوڪرين جون تصويرون ۽ نالا اخبارن ۾ ڇاپي ۽ ٽي وي چئنلز تي ٿا هلائي نه ٿا سگهجن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

Justice Sallahudin panhwarجسٽس صلاح الدين پنهور

سنڌ هاءِ ڪورٽ 18 سالن کان گهٽ عمر وارين ڇوڪرين جا نالا ۽ تصويرون اخبارن ۾ ڇاپڻ تي پابندي لاڳو ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ کي حڪم ڏنو آهي ته ٽن مهينن ۾ وومين ايڪٽ 2015ع تحت ڪميشن جوڙي تعلقي سطح تي تحفظ گهر قائم ڪري تعلقي ۽ ضلعي سطح تي ريسڪيو سينٽر قائم ڪرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ پسند جي شادي ڪندڙ ٽن جوڙن جي داخل ڪرايل ڌار ڌار پٽيشن نمبر 501، 654 ۽ 779 جي ٻڌڻي جسٽس صلاح الدين پنهور جي عدالت ڪئي.

پٽيشنز جي ٻڌڻي دوران مختلف ڊويزنن جي ڊي آءِ جيز پاران عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته 1848 ڪيس 365 بي سيڪشن تحت داخل ٿيا، جنهن جي جاچ کانپوءِ 834 ڪيس سي ڪلاس ۽ 105 ڪيس بي ڪلاس ۽ 79 ڪيس اي ڪلاس ۾ خارج ڪيا ويا. جڏهن ته ڪيترائي ڪيس عدالتي حڪم تي خارج ڪيا ويا. عدالت ۾ وڪيلن ٻڌايو ته پوليس جي صحيح ڊيوٽي نه ڪرڻ سبب پسند جي شادي ڪندڙ جوڙا تحفظ لاءِ عدالت سان رابطو ڪن ٿا، جنهن تي رمارڪس ڏيندي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته رياست جي ذميواري آهي ته ماڻهن کي گهر جي در تائين تحفظ فراهم ڪري، جنهن جي لاءِ پوليس کي مقرر ڪيو ويو آهي.

عدالت ۾ وڪيل رائيسنگهه ٻڌايو ته جيڪي ڇوڪريون مذهب تبديل ڪري شادي ڪن ٿيون، انهن جي تحفظ لاءِ يا مدد لاءِ ڪوبه مڪينزم نه آهي. عدالت اهڙين سمورين رپورٽن کي نظر ۾ رکندي ۽ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏنو آهي ته وومين ايڪٽ 2015ع تي عمل ڪندي فوري طور ڪميشن جوڙي ۽ عورتن کي تحفظ لاءِ مستقل بنيادن تي انتظام ڪيا وڃن. عدالت لاڙڪاڻي، سکر ۽ نوابشاهه ڊويزن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي حڪم ڏنو آهي ته اهي تعلقي سطح تي ڊي سي جي نگراني ۾ تحفظ گهر قائم ڪن، جيڪي قائم ڪرڻ ۾ ٻن مهينن کان وڌيڪ وقت نه لڳايو وڃي.

Sindh High Court buld

عدالت لاڙڪاڻي، سکر ۽ نوابشاهه ڊويزن جي ايس ايس پيز کي حڪم ڏنو آهي ته اهي تعلقي ۽ ضلعي سطح تي وومين پوليس آفيسرز جي سربراهي ۾ ريسڪيو سينٽر قائم ڪري اتي مرد پوليس آفيسرن کي به مقرر ڪيو وڃي، جتي عورتن جي تشدد جي شڪايتن کي نوٽ ڪيو وڃي ۽ متاثرن جي تحفظ گهرن تائين پهچ ۾ مدد ڪئي وڃي. اهو عمل پڻ ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. جڏهن ته باقي سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پڻ ٽن مهينن ۾ اهڙا ريسڪيو سينٽر قائم ڪيا وڃن. انهن ريسڪيو سينٽرز ۽ تحفظ گهرن کي سٺي ساک رکندڙ سماجي تنظيمن ۽ بار جي گڏيل سهڪار سان هلايو وڃي. ان تي عمل ڪري هڪ مهيني ۾ رپورٽ عدالت ۾ ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ ذميوارن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي. عدالت ۾ پٽيشنر جوڙي جي وڪيل ٻڌايو ته اخبارن ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙن جون تصويرون ۽ خبرون ڇاپيون وڃن ٿيون، جنهن سان سندن والدين جو پڻ وقار مجروح ٿئي ٿو، جنهن تي عدالت اطلاعات کاتي کي حڪم ڏنو آهي ته 18 سالن کان گهٽ عمر وارين ڇوڪرين جي تصويرن ۽ نالن کي ڇاپيندڙ اخبارن جو پتو لڳائي ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت پٽيشن جي ٻڌڻي 30 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *