Friday , March 29 2024

حيدرآباد: سنڌيونيورسٽي انتظاميا به نائلا رند جي موت کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو

حيدر آباد: نائلا رند ڪيس، يونيورسٽي انتظاميا پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي رپورٽ رجسٽرار وٽ جمع ڪرائي ڇڏي. سنڌ يونيورسٽي جي جاچ ڪميٽي به پوليس جيان نائلا جي موت جو ڪارڻ آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو جاچ ڪميٽي يونيورسٽي جي پرووسٽ نائلا سومرو کي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش ڪئي آهي: ذريعا سنڌ يونيورسٽي جي ڪميٽي نائلا جي واقعي کي آپگهات قرار ڏيندي ماروي هاسٽل جي پرووسٽ کي هٽائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد نائلا ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ڄامشوري، سنڌ يونيورسٽي جي وي سي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ذريعن موجب نائلا رند جي ڪيس جي جاچ لاءِ پروفيسر عبدالله جي سربراهي ۾ جوڙيل سنڌ يونيورسٽي جي 5 رڪني ڪميٽي پنهنجي رپورٽ رجسٽرار آڏو پيش ڪري ڇڏي. ذريعن موجب رپورٽ ۾ نائلا رند جي واقعي کي آپگهات قرار ڏنو ويو، 6 صفحن تي ٻڌل رپورٽ ۾ ماروئي هاسٽل جي انتظاميه جي ڪمزورين جي به نشاندهي ڪندي به ڪئي وئي. سنڌ يونيورسٽي جي ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته ماروئي هاسٽل جي پرووسٽ انيلا سومرو کي هٽايو وڃي، شاگردياڻين کي وارڊن بڻائڻ بدران ڪو مستقل وارڊن مقرر ڪيو وڃي. ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ اها به سفارش ڪئي آهي ته موڪلن دوران شاگردياڻين کي هاسٽل ۾ ترسڻ نه ڏنو وڃي. ان کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي نائله رند جي لاش هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي ڪرن فاطمه ۽ سول سوسائٽي پاران داخل ڪيل درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نائله جي وارثن جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. درخواستگذارن وڌيڪ چيو آهي ته نائله رند جي موت جو ڪيس ليپس قانون تحت داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس ڪيس ۾ ڌر آهي. درخواستگذارن عدالت کي ڪيس جي جاچ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج يا سيشن جج کان ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي. عدالت سنڌ يونيورسٽي جي وي سي، رجسٽرار، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدر آباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *