Friday , April 26 2024

حمزه شهباز جا ڊي جي نيب لاهور بابت انڪشاف، نيب چيئرمين اهم اجلاس سڏائي ورتو

لاهور(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽  ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز شريف انڪشاف ڪيو آهي ته، ڊي جي نيب لاهنور کيس آڇ ڪئي ته مان سندس خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ڪوڙي ڊگري بابت ٺهراءُ واپس ڪرايان ته هُو مونکي نوٽيسز نه موڪليندو ۽ ڪيسن کي لئي مٽي ڪرائيندو. حمزه شهباز دعويٰ ڪئي آهي ته کيس ” ڊي جي نيب لاهور شهزاد سليم چيو ته منهنجي خلاف ڪوڙي ڊگري وارو ٺهراءَ کي ختم ڪرايو ته توهان کي ٻيهر ڪو به نوٽيس نه ملندو، ڪرپشن ڪيسز بابت حڪومت سان ببه ڪن هن قسم جي ڊيل ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، اسان ان سموري معاملي کي ئي لئي مٽي ڪري سگهون ٿا.“ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نيب سياست جي ور چڙهي چڪو آهي، اِهو اعليٰ عدليه چوي ٿي، نيب ۽ نيازي ڳٺ جوڙ آهي، نيب جي پٺيان نيازي لڪيل آهي. منهنجي گهر ٻه ڏينهن حملا ٿيا، بيمار ماءُ کي ڪال آف نوٽيس اچي ويو ۽ ٻن ڀينرن کي طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

حمزه شهباز جو چوڻ هو ته، ڇا مهذب معاشرو ائين ڌيئرن کي نوٽيس موڪليندو آهي، حمزه شهباز پاران ڊي جي نيب لاهور بابت ڪيل انڪشاف کانپوءِ نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال نيب جو هنگامي طور تي اهم اڄ لاهور ۾ سڏائي ورتو آهي، نيب جي اجلاس ۾ حمزه شهباز جي دعويٰ واري معاملي جو جائزو وٺڻ سان گڏ ڪرپشن ڪيسز تي به ويچاريو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *