Friday , March 29 2024

حليم عادل شيخ ۽ فردوس شميم نقوي ”ڪراچي اور سنڌ“ جي رٽ لڳائي ويٺا

حليم عادل شيخ ۽ فردوس شميم نقوي ”ڪراچي اور سنڌ“ جي رٽ لڳائي ويٺا، سنڌي ميڊيا تي ڇتي تنقيد

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَ چار) پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ فردوس شميم نقوي ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ٿيڻ جي حمايت جو اعلان ڪرڻ دوران مسلسل ” ڪراچي اور سنڌ“ جي رٽ لڳائي ڏني، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ٻنهي اڳواڻن سنڌي ميڊيا تي به ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته تنقيد ڪندڙ سنڌ جي صحافين ۽ ميڊيا کي ٺٽي سوڌو ٻين شهرن جي حالت ڇو نه ٿي نظر اچي. ڪراچي کي آرٽيڪل 149 (4) جي ذريع وفاقي حڪومت جي انتظامن هيٺ ڏيڻ واري پي ٽي آءِ جي اعلان کانپوءِ، پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي، حليم عادل شيخ ۽ خرم شير زمان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. اُن موقعي تي حليم عادل شيخ چيو ته توڙي جو ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 (4) لاڳو ٿيڻ لاءِ تجويز نه ڏني وئي آهي، پر هو اُن جي حمايت ڪن ٿا.
حليم عادل شيخ چيو ته نئون پاڪستان ٺهيو آهي ته نئين سنڌ به ٺهندي ۽ نئون ڪراچي ٺهندو. عمران خان پاڪستان جو مسيحا آهي. ڪراچي جي حوالي سان اڃا ڪميٽي ٺهي رهي آهي، اُن جي ٽي او آرز طئه ٿيندا ۽ انشاءَ الله ڪراچي جي بهتري لاءِ سفارشون به ڏنيون وينديون. آرٽيڪل 149 ڪو مارشل لا نه آهي جو اُن تي پيپلز پارٽي سنڌ ڪارڊ کيڏي رهي آهي.


پريس ڪانفرنس دوران حليم عادل شيخ بار بار اهو چوندو رهيو ته هو سنڌ جي ورهاڱي جي خلاف نه آهن، جنهن تي فردوس شميم نقوي سندس تصحيح ڪئي ته ڪنهن به ورهاڱي جي خلاف آهيون. بعد ۾ حليم عادل شيخ وري چيو ته پي ٽي آءِ سنڌ جي ورهاڱي جي خلاف رهي آهي، فردوس شميم چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت کي 12 سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو، پر سنڌ جي حالت تبديل نه ٿي. ڪراچي ۾ به اڃا تائين پاڻي ۽ صفائي جهڙا بنيادي مسئلا حل ناهن ٿيا. ڪراچي سنڌ جو تاج آهي، پاڪستان جو تاج آهي، جيڪڏهن ڪراچي صحيح ٿيندو ته سڄي سنڌ صحيح ٿي ويندي، تنهن ڪري اُن کي صحيح ڪرڻ لاءِ سفارشون جوڙيون ويون آهن. ٻئي اڳواڻ ڪراچي ۽ سنڌ کي ڌار ڌار ڪري پيش ڪندو رهيو، سندس چوڻ هو ته ”سنڌ ۽ ڪراچي“ جا مسئلا حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. مقصد عوام کي رليف ڏيڻ آهي. اُن لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، خان صاحب هدايت ڪئي آهي ۽ اُن موجب ڪوشش ڪنداسين ته هڪ مهيني ۾ بُنيادي سفارشون تيار ڪري پيش ڪريون. هُن چيو ته ڪراچي ترقي ڪندو ته سنڌ ترقي ڪندي ۽ پاڪستان ترقي ڪندو. ڪراچي تيستائين ترقي نه ڪندو، جيستائين بنيادي ڍانچو ۽ انتظاميا تبديل نه ٿيندي. سنڌي ميڊيا تي تنقيد ڪندي

فردوس شميم نقوي چيو آهي ته تنقيد ڪندڙ سنڌ جي صحافين ۽ اخبارن کي ٺٽي جي حالت ڇو نظر نٿي اچي، فروغ نسيم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندڙ پ پ حڪومت کان استعيفيٰ جو مطالبو ڇو نٿا ڪن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *