Friday , April 26 2024

حليم عادل شيخ پاران مخالفن لاءِ ” سَريَي وارو لنڊ“ رکي ڇڏيو

حليم عادل شيخ ۽ ” سَريَي وارو لنڊ“ سريي واري ڳالهه تي افتخار لنڊ ۽ حليم عادل جا وڏا وڏا ٽهڪ

گهوٽڪي ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) رياست مدينا جي دعويدار پي ٽي آءِ سنڌ جي نئين مقرر ڪيل صوبائي صدر حليم عادل شيخ چيو آهي ته، اسان به هنن لاءِ (مخالفن ڏانهن اشارو) سَريي وارو سيٺ پاڻ سان گڏ رکيو آهي. حليم عادل شيخ گهوٽڪي جي اين اي 205 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ تڪ جي هڪ ڳوٺ ۾ گڏجاڻي دوران، پنهنجي ئي ڊرائيور پورهيت کي ويهڪ ۾ سريو ٽپائيندڙ سردار افتخار لنڊ سان گڏ ڳالهائيندي چيو ته، ” اسان جا مخالف ڏنڊي وارا آهن ته اسان وٽ به سَرِيَي وارو سيٺ پاڻ ساان گڏ رکيو آهي“، حليم عادل شيخ ان ڳالهه تي ڀرسان ويٺل سردار افتخار لنڊ وڏا ٽهڪ ڏيندي حليم عادل شيخ سان تاڙا ملائيندي نظر اچي رهيو آهي.

ڪجهه عرصو اڳ سردار افتخار لنڊ پنهنجي هڪ ڊرائيور الهه رکيو لنڊ کي خراب ٿيل گاڏي ٺهرائڻ جي ڳالهه ڪرڻ تان کيس سخت تشدد جو نشانو بڻائيندي ويهڪ واري جاءِ ۾ سريو ٽپائيو هو، جيڪو ڪيترائي ڏينهن اسپتال داخل هو. معاملو ميڊيا  خاص طور تي سوشل ميڊيا تي اچڻ کانپو پورهيت الهه رکيو جي مرشد گمبٽ واسي سيد موج علي شاهه، فيض محمد شاهه، لنڊ برادري جي چڱن مڙسن محمد حسين لنڊ، جلال الدين لنڊ، مولانا معشوق حسين غديري، ھدايت الله لنڊ غلام مصطفي، لنڊ ۽ ٻين کي ساڻ ڪري ميڙ کڻي متاثر ڊرائيور وٽ سندس ڳوٺ لعل بخش لنڊ پھتو، جتي افتخار لنڊ پنهنجي عمل تي پچتاءُ ڪندي ڊرائيور الھرکيو لنڊ کان معافي ورتي، متاثر ڌر سيدن ۽ برادري جي چڱن مڙسن کي مان ڏيندي ڀوتار سميت ڪيس جي سمورن جوابدارن کي معاف ڪري ڇڏيو هو. متاثر ڊرائيور الھرکيو لنڊ جي پٽ زاھد لنڊ ڀوتار افتخار لنڊ کي معافي ڏيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو هو ته، سندن سردار پنهنجي عمل تي شرمسار آھي ۽ اسان جا مرشد توڙي برادري جا چڱا مڙس وٺي ميڙ ڪري اسان جي گھر آيو ھو، ان ڪري سڀني جوابدارن کي معاف ڪري ڇڏيو آھي ۽ داخل ڪيل ڪيس تان به ھٿ کنيو ويندو. ڊرائيور الھرکيو لنڊ تي تشدد وارو ڪيس خانپور مھر ٿاڻي تي افتخار لنڊ، سندس منشي شفيق لنڊ، رفيق لنڊ، ممتاز لنڊ ۽ ٻن نامعلوم ماڻھن خلاف داخل ٿيل آھي، جنهن ۾ شفيق لنڊ ۽ ممتاز لنڊ گرفتار ٿيل آھن، جڏھن ته افتخار لنڊ عارضي ضمانت تي آھي، سندس پڪي ضمانت لاءِ ڪيس جي ٻڌڻي 14 مئي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ گھوٽڪي ۾ لڳل آھي، ان کان اڳ ھن فريادي ڌر کي ٺاھي ڇڏيو آھي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ سردار افتخار لنڊ، پنهنجي ڊرائيور کي ويهڪ ۾ مبينا طور لوهي راڊ وجهي انسانيت سوز تشدد

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *