Friday , March 29 2024

حليم عادل شيخ ٻيو ملڪ رياض ثابت، ڄامشورو ۾ هيراڦيري ذريعي سرڪاري زمين ڦٻائيندي پڪڙجي پيو

سيوهڻ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو ڊي جي منير سومرو قبضا مافيا جو ڇپر ڇانو بڻيل

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ زمينن تي قبضن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ پاران ٻيو ملڪ رياض ٿيڻ جو انڪشاف، سرڪاري زمين ڦٻائي زخاني کي 41 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو کاٽ هنيو ويو آهي. تفصلي موجب سنڌ ۾ سرڪاري ۽ خانگي زمينون روينيو کاتي جي ملي  ڀڳت سان کاتا بدلائي رهائشي منصوبا شروع ڪرڻ ۾ ملڪ رياض کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ به سامهون اچي ويو آهي، اينٽي ڪرپشن جي  هڪ جاچ رپورٽ ۾ حليم عادل شيخ پنهنجي ويجهي مائٽ طارق قريشي، سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊي جي منير سومروو سميت روينيو کاتي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري ٿاڻو بولاخان جي علائقي ۾ 207 ايڪڙ سرڪاري زمين ڦٻائڻ واري ڪوشش منظر تي اچي وئي آهي. اينٽي ڪرپشن اينڊ انڪوائريز کاتي پاران ڪيل هڪ رپورٽ موجب سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊيي جي، منير سومرو، پي ٽي آءِ  اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ سندس ويجهي مائٽ ۽ ڪاروباري فرنٽ مين طارق قريشي معرفت ڄامشوري ضلعي جي ٿاڻو بولاخان جي حدن ۾ سرڪاري زمين جي 207 ايڪڙن تي قبضا ڪري 6 رهائشي اسڪيمون شروع ڪيون ويون آهن.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب اينٽي ڪرپشن جي هڪ تيم ڄامشوري جي ٿاڻي بولا خان ۾ ديهه بابر بند ۽ ٻين هنڌن تي سرڪاري ايراضي جي 207 ايڪڙن تي قبضا ڪري اتي رهائشي منصوبا جوڙيا ويا آهن، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته روينيو کاتي ۽ سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل منير سومرو جي ملي ڀڳت سان 207 ايڪڙ سرڪاري زمين خانگي ماڻهن جي ڄاڻائي وڪرو ڪئي وئي. جنهن زمين تي حليم عادل شيخ پنهنجي  مائٽ ۽ ڪاروباري فرنٽ مين طارق قريشي 207 ايڪڙ سرڪاري زمين تي پام ڊريمز، ڊريم ولاز، ڊريم فارم هائوسز، گلف ڪميونٽي، واڪ اپ اپارٽمينٽس ۽ سيوهڻ هلز جو فيزن ون پراجيڪٽ (ڪراچي هلز) شروع ڪيو ويو، جتي پلاٽنگ ۽ ٻيا منصوبا شروع ڪيا ويا.

اهڙن منصوبن جا سائن بورڊ پڻ لڳايا ويا. رپورٽ موجب اهي رهائشي منصوبا ڪراچي گولف سٽي پرائيويٽ ليميٽڊ جا آهن، جيڪا پام گروپ آف ڪمپنيز جي ذيلي ڪمپني آهي. ڪمپني جو چيئرمين حليم عادل شيخ ۽ طارق قريشي جي آهي، اينٽي ڪرپشڻ جي ڪيل جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، ڄامشورو جي روينيو عملدارن ۽ سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان سرڪاري زمين کي پرائيويٽ ڄاڻائي ڊمي ماڻهن کان خريداري ڄاڻائي وئي، زمين جي ماليت 41 ڪروڙ 40 لک آهي. رپورٽ موجب روينيو عملدارن جعلي ٽائٽل ڊاڪومينٽس جي ويريفڪيشن ڪئي، سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي لي آئوٽ پلان جي منظوري ڏني ، بعد ۾ اهو پلان سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي به منظوري لاءِ موڪليو ويو. رپورٽ موجب سرڪاري زمينن تي ڪي جي سي ۽ ايس ڊي اي جو گڏيل منصوبو ڄاڻائي پلاٽنگ شروع ڪئي وئي. رپورٽ موجب ڊي جي سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي منير احمد سومرو پلان جاري ڪيو، اي ڊي (ماسٽر پلان) محمد اشرف سهاڳ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايس ڊي اي اياز علي شورو ليٽر ٽائٽل ويريفڪيشن لاءِ ڄامشورو جي روينيو عملدارن کي موڪليو. رپورٽ موجب اي ڊي سي شوڪت علي، عبدالقادر قلباڻي، عبدالشڪور راهوجو رشوت عيوض لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر کان لينڊ ويريفڪيشن ليٽر جاري ڪرايو.

اينٽي ڪرپشن جي جاچ دوران زمين جي ڍل، مڌر انٽري، روينيو ٽريل، سروي نمبر ۽ پوکائي جو رڪارڊ ملي نه سگھيو. اهڙي ريت ايس ڊي اي جا عملدار به بينيفشريز جا سهولتڪار بڻيا. رپورٽ موجب سرڪاري زمين جي کاتن ۾ تبديلي ڪئي وئي، روينيو عملدارن جي ملي ڀڳت سان زمينون علي نواز پٽ سومار، محمود علي پٽ مرزا غلام علي، سيد ظفر حسين پٽ سيد اظهر حسين، محمد اسلم پٽ صاحب ڏنو، عبدالحفيظ پٽ نواز علي، موسيٰ پالاري، عظيم عادل شيخ پٽ امام الدين شيخ ۽ حمير امداد انڙ جي نالن تي ڪيو ويون. اينٽي ڪرپشن ذريعن موجب ابتدائي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد حليم عادل شيخ، طارق قريشي، اي ڊي سي شوڪت اڄڻ، ڊي جي سيوهڻ ڊوپلمينٽ اٿارٽي منير سومرو ۽ ٻين خلاف ايف آءِ آر جي سفارش ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *