Friday , March 29 2024

حسين نواز تصوير ليڪ جو فيصلو: اسين نابالغ ته ناهيون جو معاملي کي سمجهي نه سگهون، ٻئي تي آڱريون کڻڻ کي پنهنجو دفاع ڪرڻ نٿو چئي سگهجي: جسٽس عظمت سعيد

JIT members court banch

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ وزيراعظم نواز شريف جي پٽ حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ ۽ جي آءِ ٽي پاران وڊيو رڪارڊنگ خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، جي آءِ ٽي جاچ دوران بيان رڪارڊ ڪرڻ جي وڊيو رڪارڊنگ به ڪري سگهي ٿي. عدالت جو چوڻ آهي ته، جي آءِ ٽي پاران آءِ بي تي لڳايل الزامن جي حوالي سان تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو آهي. سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جي سربراهه جسٽس اعجاز افضل وزيراعظم جي پٽ حسين نواز جي درخواست تي تصوير ليڪ ٿيڻ خلاف 14 جون تي محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. تفصيلي فيصلي ۾ عدالت چيو ته هن مرحلي ۾ مداخلت جي ضرورت ناهي، جي آءِ ٽي جاچ دوران وڊيو رڪارڊنگ غلط عمل نه آهي، بيان جي متن جي درستگي لاءِ آڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگ ڪري سگهجي ٿي پر ان کي ثبوت طور پيش نٿو ڪري سگهجي، فيصلي ۾ چيو ويو ته وڊيو رڪارڊنگ صرف ٽرانسڪرپٽ جي درستگي لاءِ ڪري سگهجي ٿي. وڊيو رڪارڊنگ ٽرانسڪرپٽ جي تياري لاءِ ضروري آهي، جيستائين قانون نٿو ٺهي تيستائين وڊيو رڪارڊنگ ثبوت طور عدالت ۾ پيش نٿي ڪري سگهجي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته، وڊيو يا آڊيو رڪارڊنگ کي عدالتي ڪارروائي جو حصو بڻائڻ لاءِ قانون ۾ ترميم جي ضرورت آهي. ڀارت سميت دنياجي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان حوالي سان قانون ۾ ترميم ٿي چڪي آهي، آڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگ واري عمل جي حوصلا شڪني نه ٿيڻ گهرجي.

Hussain-Nawaz-leaked-picture

جسٽس اعجاز افضل چيو ته جنهن شخص تصوير ليڪ ڪئي، ان جي نشاندهي ٿي چڪي آهي ۽ ان خلاف ڪارروائي به ٿي چڪي آهي، جسٽس اعجاز افضل وڌيڪ چيو ته وڊيو رڪارڊنگ تي پابندي بابت حسين نواز جي درخواست جو غور سان جائزو ورتو آهي ۽ ڌرين جا بيان ٻڌڻ کانپوءِ عدالت ان نتيجي تي پهتي آهي ته شاهدي طور لکت ۾ بيان ضروري آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل جاچ ٽيم کي سمورن خدشن کان آزاد هجڻ گهرجي. جاچ ٽيم سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڪنهن شخص کي اعتراض آهي ته هو سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو.

عدالت آءِ بي تي جي آءِ ٽي پاران لڳايل الزامن تي اٽارني جنرل کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته رپورٽ ۾ ٻڌايو وڃي ته جيڪڏهن الزامن ۾ صداقت آهي ته ڪهڙي قانوني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، جسٽس اعجاز افضل چيو ته آءِ بي جي معاملي تي لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ۽ اٽارني جنرل تصوير ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي به پنهنجو جواب جمع ڪرايو، جسٽس اعجاز چيوته جنهن اخبار کي جيڪو ڪجهه لکڻو آهي ڀلي لکي، عدالت ڪنهن کان ڊنل ناهي، حڪومتي ادارا عدالت کي جواب ڏيڻ بدران پريس ڪانفرنس ڪندا آهن ۽ حڪومت پنهنجي حق ۾ آرٽيڪل لکرائيندي آهي. بينچ ۾ شامل جسٽس عظمت سعيد چيوته اسين هتي نابالغ ته ناهيون ويٺا جو معاملي کي سمجهي نه سگهون، ٻئي تي آڱريون کڻڻ کي پنهنجو دفاع ڪرڻ نٿو چئي سگهجي. جسٽس اعجازالحسن چيو ته ڪيس کي ميڊيا ٽرائيل نه بڻايو وڃي، اخبار پڙهي لڳي ٿو ته اٽارني جنرل جي ضرورت ناهي، ڪيس کي ميڊيا ٽرائيل نه بڻايو وڃي، هي ڪيس ذميواري جو معاملو آهي، اٽارني جنرل پاڻمرادو حڪومتي ترجمانن کي چوي ته هو پنهنجو قد ڪاٺ ڏسي پوءِ ڳالهائين ۽ معاملي کي سنجيده وٺن، جسٽس اعجاز افضل چيو ته حڪومت جو بار ۽ ذميواريون ٻين کان وڌيڪ آهن، بهتر دليلن ۽ قانوني حوالن سان ئي عدالت جي معاونت ڪري سگهجي ٿي، عدالت کي ڊي ريل ڪرڻ جو سوچڻ به نه گهرجي.

Hussan & Hassan nawaz

آرٽيڪلز يا سياستدانن جا بيان اسان جي ذهنن کي تبديل نٿا ڪري سگهن. اسين چاهيون ٿا ته عدالتي ڪارروائي عوام تائين پهچي پر جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي ڳجهو رکنداسين ۽ جاچ رپورٽ کي منظرعام تي نه آندو ويندو. اٽارني جنرل پنهنجي جواب ۾ معاملي جي سمورن رخن کي نظر ۾ رکي، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته مون کي پنهنجي ذميواري جو احساس آهي، عدالت جي اعتماد کي ذميواري سان نڀائيندس، تصوير ليڪ ٿيڻ جي جاچ رپورٽ پبلڪ ڪرڻ تي ڪو اعتراض ناهي، ان کانپوءِ عدالت اٽارني جنرل کي عيد بعد آءِ بي بابت جواب جمع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته جواب عدالت کان اڳ ميڊيا کي نه ڏنو وڃي، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته عدالتي وقار تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو، عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي بينچ جي دستيابي سان مشروط هوندي، بينچ جوڙڻ چيف جسٽس جو اختيار آهي، جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي عيد جي موڪلن کانپوءِ بينچ جي دستيابي سان مشروط ڪندي جي آءِ ٽي جي درخواست تي ٻڌڻي عيد کانپوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *