Friday , March 29 2024

حديبيه پيپرملز ڪيس:نواز شريف ملڪ جي چيف ايگزيڪيٽو جي حيثيت ۾ اپيل روڪڻ لاءِ دٻاءُ وڌو: نيب

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) حديبيه پيپر ملز ڪيس ٻيهر کولڻ جي اپيل جي حوالي سان نيب سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ٻي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾نيب جو چوڻ آهي ته نواز شريف اپيل داخل ڪرڻ تي اثر انداز ٿيو آهي، 2 ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ ۾ حديبيه ملز ڪيس جي پهرين ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ڪيس جو سمورو رڪارڊ طلب ڪيو، نيب جي پراسيڪيوٽر کان اصل ريفرنس بابت پڇاڻو ڪيو، ان حوالي سان نيب پاران ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ هڪ نئين درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جيڪا نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر عمران الحق داخل ڪئي آهي، درخواست ۾ عدالتي حڪم جي ٽن سالن کانپوءِ ٻيهر ڪيس کلڻ جو جواز پيش ڪيو ويو آهي، نيب درخواست ۾ اپيل دير سان داخل ڪرائڻ جو ذميوار نواز شريف کي قرار ڏيندي ججن جي غير سنجيده رويي کي به ريفرنس خارج ڪرڻ جو سبب قرار ڏنو، درخواست ۾ ڪيس جي اپيل ۾ دير کي نظرانداز ڪندي ڪيس ٻيهر کولڻ جي اجازت ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ واري معاملي تي نواز شريف چيف ايگزيڪيوٽو طور اثر انداز ٿيو، نواز شريف پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪيو، ٻيهر جاچ جي استدعا رد ڪرڻ انصاف کي جنجهوڙڻ برابر هوندي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي غلطي يا ڪنهن جي غير سنجيدگي سبب ڪيس کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي ختم نٿو ڪري سگهجي، درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نواز شريف حديبيه ڪيس ۾ اپيل داخل ڪرڻ تي اثر انداز ٿيو آهي، عدالت کي گذارش آهي ته حديبيه ڪيس ۾ انصاف کي پهتل نقصان جو ازالو ڪري ۽ اپيل داخل ڪرڻ ۾ ٿيل دير بابت اعتراض ختم ڪري، واضح رهي ته سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جي 28 جولاءِ واري فيصلي ۾ حديبيه پيپر ملز ريفرنس ٻيهر کولڻ جو حڪم ڏنو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *