Wednesday , April 24 2024

حافظ سعيد احمد جي نظر بندي ۽ جماعت الدوه تي پابندي رياست جو فيصلو آهي، پاڪستان ڪنهن سان به جنگ نه ٿو چاهي پر امن پسندي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور

ISPR

پاڪستان ڪنهن سان به جنگ نه ٿو چاهي پر اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزور هرگز نه سمجهيو وڃي، حافظ سعيد جي نظربندي ۽ جماعت الدوه تي پابندي رياست جو فيصلو آهي آهي. اهو چوڻ آهي ته آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور جو، ڊي جي آءِ ايس پي آر راولپنڊي ميڊيا بريفنگ ڏيندي چيو ته، ڀارتي فوج سرحد تي ايل او سي جي ڀڃڪڙي ڪندي بنا جواز جي فائرنگ ڪندو رهيو آهي، جنهن جو پاڪ فوج ڀرپور ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏيندي رهي آهي، اسان ڪنهن سان به جنگ نه ٿا چاهيو پر اسان جي امن پسندي کي ڪمزوري هرگز به نه سمجهيو وڃي. ميجر جنرل آصف غفور پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته، بلاگرز جي گم ٿيڻ واري مامري سان پاڪ فوج جو ڪو به واسطو نه آهي، گهرو وزير جو ان سلسلي ۾ اشارو پاڪ فوج ڏانهن نه هو.

حافظ سعيد خلاف ڪارروائي رياست جي پاليسي آهي، هڪ ٻن ڏينهن اندر واڳيل آفيس پاران وڌيڪ وضاحت ڪئي ويندي: پاڪ فوج جي ترجمان ميڊيا تي قومي ادارن بابت ٿيندڙ قياس آرائين تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته بلاگرز جي گمشدگي واري معاملي سان فوج جو ڪو به تعلق نه آهي، بلاگرز جيڪي ڪجهه چيو آهي ان بابت سڀ آگاهه آهن، ڊان ليڪس جي جاچ هلي رهي آهي، اميد آهي ته حڪومت ڪجهه ڏينهن اندر انڪوائري جا نتيجا کڻي ايندي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته، حافظ سعيد بابت رياستي ادارن گڏجي فيصلو ڪيو آهي، وڌيڪ هڪ ٻه ڏينهن انتظار ڪنداسين،لاڳاپيل آفيس حافظ سعيد بابت وڌيڪ ڪجهه ٻڌائيندي.

سندس چوڻ آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڊان ليڪس بابت جاچ ٿي رهي آهي، جلد صورتحال اڳيان اچي ويندي ان حوالي سان اجايون ڳالهيون نه ڪيون وڃن. هن چيو ته ڪراچي آپريشن سبب امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر آهي، آپريشن دوران رينجرز جا 33 جوان شهيد ٿيا آهن. هن چيو ته افغانستان سميت خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي نظر آهي، بلوچستان ۾ ڪاميابي جي سفر ۾ بلوچ ڀائرن جون وڏيون قربانيون شامل آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پاڪستان جو هر شهري پنهنجي پنهنجي مورچي جو سپاهي آهي، سرحدي ڀڃڪڙي ٿي ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ باقي رهيل دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪومبنگ آپريشن جاري رهندو، دهشتگردرن جو مڪمل خاتمون چاهيون ٿا. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارت سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ڊرامو ڪيو، جاسوس ڪلڀوشن ياديو بابت ملڪ جي قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو..

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *