Friday , April 19 2024

جي ڊي اي قيادت مستقبل جي لائحه عمل جو اعلان نه ڪري سگهي،عام چونڊن ۾ پ پ جي تڏاويڙهه جي دعويٰ

نوشهروفيروز( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي قيادت؛ مورو ۾ ٿيل عوامي جلسي ۾ مستقبل جي لائحه عمل جو اعلان نه ڪيو، پير پاڳارو چيو هو ته، موري واري جلسي ۾ مستقبل جي سياسي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو. جلسي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي جي سربراهه پير پاڳارو چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي تاريخي شڪست ڏينداسين. سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته آصف زرداري ۽ نوازشريف به ڪائونسلر جي سيٽ به کٽي نه سگهيا هئا، پر نظرئي ضرورت تحت هڪ وزير اعظم هائوس ۽ ٻيو ايوان صدر تائين پهتو.

مورو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پيرپاڳاري چيو آهي ته اسان اهڙن حڪمرانن ۾ ڦاسي پيا آهيون، جو هڪ چوي ٿو ته اينٽ سي اينٽ بجادونگا ۽ ٻيو چوي ٿو ته عدليا ۽ فوج خلاف عوام کي روڊن تي آڻيندس. جي ڊي اي سربراهه جو چوڻ هو ته ڪجهه سياسي پارٽين جا اڳواڻ چئي رهيا آهن ته ملڪ ۾ امن اسان قائم ڪرايو آهي، جيڪو سراسر غلط آهي، ملڪ مان دهشتگردي پاڪ فوج ۽ رينجرز ختم ڪري امن قائم ڪيو آهي. هن چيو ته حڪمران ناڪام ٿي چڪا آهن ان ڪري هر مسئلي جو نوٽيس عدليا پاڻ پئي وٺي. هن چيو ته سنڌ جي آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي، آبادگارن کان ڪير زرعي جنسون وٺڻ لاءِ به تيار نه آهي. پير پاڳاري چيو ته جي ڊي اي ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺندي، 2013 جيان ڌانڌلي ٿيڻ نه ڏينداسين. جلسي کي صدرالدين شاهه راشدي، ارباب غلام رحيم، ذوالفقار مرزا، مرتضيٰ خان جتوئي، اياز لطيف پليجو سميت ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

جي ڊي جي جلسي ۾ عورتن جي هڪ وڏي تعداد شرڪت ڪئي  ۽ جلسي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا بيضابطگي يا ڇڙواڳي نظر نه آئي.

ٻي طرف سنڌ ۾ پ پ  مخالف گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي سربراهه پير پاڳارو اڳ ۾ چيو هو ته، موري واري جلسي ۾ جي ڊي جي مستقبل ۾ سياسي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو. آچر ڏينهن مورو ۾ سڌوجا باءَ پاس وٽ ٿيل جلسي کي خطاب دوران جي ڊي اي سربراهه ڪو به اعلان نه ڪيو ته مستقبل ۾ سياسي جدوجهد جو لائحه عمل ڪهڙو هوندو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *