Thursday , April 25 2024

جي ڊي اي سربراهه پيرپاڳاري اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد( رپورٽر  سنڌسماءَچار) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس / جي ڊي اي پاران نيٺ حتمي طور تي فيصلو ڪيو ويو آهي ته اتحاد ۾ شامل سموريون پارٽيون 2018 جون چونڊونه گڏيل پليٽ فارم تان وڙهنديون ۽ ان لاءِ چونڊ نشان به هڪڙو ئي استعمال ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ جي ڊي اي جي سربراهه پير پاڳاري اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڏني آحي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس 2018 جي چونڊن ۾ گڏيل اميدوار بيهاريندو ۽ اان لاءِ چونڊ نشان به هڪ ئي استعمال ڪيو ويندو. پيرپاڳاري اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪئي آهي ته جي ڊي اي جنهن جو هُو (پيرپاڳارو) سربراهه آهي، ان کي چونڊ نشان الاٽ ڪيو وڃي، جيئن ان نشان تحت جي ڊي اي جون سموريون پارٽيون ۽ انهن جا اميدوار اليڪشن وڙهي سگهن. ان سلسلي ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جي ڊي اي کي گلاب جي گل جو نشان الاٽ ٿي سگهي ٿو، ڇو ته اهو اڳ ۾ ئي فنڪشنل ليگ جو چونڊ نشان رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *