Friday , March 29 2024

جي يو آءِ حيدرآباد جو اڳواڻ انصارالشريعه سان واسطيداري جي الزام هيٺ گرفتار

Mufti Habibullah

قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪراچي، حيدر آباد، ملتان ۽ پشين سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪاررواين دوران دهشتگرد تنظيم انصارالشريعه سان واسطو رکندڙ 4 کان وڌيڪ دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار ڪيلن جي قبضي مان، ليپ ٽاپس، ڪمپيوٽرز ۽ ٻيو مواد به هٿ ڪيو ويو آهي. جن کي پڇاڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجا اظهارالحسن تي حملي واري واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز مختلف هنڌن تي ڪامياب ڪارروايون ڪري دهشتگردي جي مختلف واقعن ۾ ملوث ۽ دهشتگردن جي سهولتڪاري واري الزام هيٺ 4 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن. ان سلسلي ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪوئيٽا، پشين، ملتان ۽ ڪراچي ۾ ڪارروايون ڪري بندش پيل تنظيم انصار الشريعه سان واسطو رکڻ جي الزام هيٺ ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر مشتاق، جي يو آءِ حيدرآباد جي اڳواڻ مفتي حبيب الله ۽ گهربل دهشتگرد طلحه انصاري کي گرفتار ڪري ورتو. ٻڌايو پيو وڃي ته، ڪراچي ۾ اظهارالحسن تي حملي واري واقعي کانپوءِ گرفتار ٿيل ڪجهه دهشتگردن جي ڏس تي سيڪيورٽي فورسز ڪوئيٽا، ملتان ۽ پشين ۾ ڪارروايون ڪري پروفيسر مشتاق، مفتي حبيب الله ۽ طلحه انصاري کي گرفتار ڪيو. دهشتگردي واقعن ۾ ملوث هجڻ ۽ دهشتگردن  جي سهولتڪاري جي الزامن هيٺ گرفتار ٿيلن کان پڇاڳاڇا بعد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حيدر ۾ ڪارروائي ڪئي.

JUI F

پشين مان گرفتار ٿيل جميعت علماءَ اسلام (فضل الرحمان) جي اڳواڻ مفتي حبيب الله جي گرفتاري بعد سندس حيدرآباد واري گهر تي ڇاپو هڻي تلاشي ورتي. مفتي حبيب الله جي گهر جي تلاشي دوران سندس استعمال هيٺ هڪ ليپ ٽاپ ۽ ڪجهه دستاويز قبضي ۾ ورتا ويا. چيو پيو وڃي ته ملتان مان گرفتار ٿيل طلحه انصار ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ پوليس سان مقابلي دوران ڀڄي ويو هو، جيڪو اظهارالحسن تي حملي جي ماسٽر مائينڊ سروش صديقي جو ويجهو ساٿي آهي. طلحه انصاري ٽارگيٽ ڪلنگ ٽيم جو ميمبر آهي ۽ ان جي خلاف سهراب ڳوٺ ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ٿيل آهي، مفتي حبيب الله جي يو آءِ حيدرآباد جو ضلعي نائب صدر آهي ۽ اهو حيدرآباد جي ٻن مدرسن ۾ پڻ پڙهائي رهيو آهي پر ان بابت ٻڌايو ويو آهي ته هو گذريل ٽن مهينن کان انهن مدرسن ۾ نه آيو آهي، هوڏانهن ڪراچي ۾ سيڪيورٽي ادارن ڪارروايون ڪري ٻن ڀائرن فرحان ۽ نومان کي گرفتار ڪيو آهي، جن بابت ٻڌايو ويو آهي ته اهي خواجا اظهارالحسن تي حملي دوران مارجي ويل حسان جا دوست ۽ پاڙيسري آهن. انهن کي حسان جي موبائل جي ڊيٽا جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي، کانئن جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪراچي يونيورسٽي جي ڪالوني مان پڻ شڪ هيٺ 4 شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب شاگرد اسٽاف ڪالوني مان گرفتار ڪيا ويا آهن، ڪارروائي اسٽاف ڪالوني جي بلاڪ بي، سي ۽ ڊي ۾ ڪئي وئي آهي، گرفتار شاگرد شعبي اردو ۽ ڪيميسٽري ۾ زير تعليم ۽ سهراب ڳوٺ ٿاڻي جي سامهون رهائشي آهن، ڪارروائي انصارالشريعه جي گرفتار ڊاڪٽر شهريار عرف عبدالله جي نشاندهي تي ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *