Saturday , April 20 2024

جي يو آءِ جو آزادي مارچ، فضل الرحمان کان اڳ حڪومت پاران اڳواٽ اسلام آباد ۾ لاڪ ڊائون شروع

جي يو آءِ جو آزادي مارچ،اسلام آباد کي سيل ڪرڻ لاءِ حڪومت 1500 کان وڌيڪ ڪنٽينر پهچائي ڇڏيا، وڌيڪ 500 ڪنٽينرز گهرايا ويندا، فضل الرحمان کان اڳ حڪومت پاران اڳواٽ  لاڪ ڊائون شروع

اسلام آباد ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) جي يو آءِ پاران اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي لاڪ ڊائون کان اڳ گادي واري هنڌ کي سيل ڪري عملي طور لاڪ ڊائون جون تياريون شروع ڪري ڏنيون آحي، ڊي چوڪ سيل، مک رستن ۽ اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ وارن دڳن تي به ڪنٽينرز پهچايا ويا آهن، اسلام آباد واسي ڌرڻي کان اڳ ۾ ئي پريشانين ۾ وٺجي ويا آهن. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان پاران 27هين آڪٽوبر کان يڪجهتي ڪشمير ريليون ڪڍي اسلام آباد طرف آزادي مارچ واري اعلان کانپوءِ حڪومت پاران ڳالهين جي فيصلي سان گڏ جي يو آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون جو به فيصلو ڪري ورتو آهي. تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت سان گڏ ڪي پي ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومتن پاران جي يوي آءِ خلاف ڀرپور ڪريڪ ڊائون  ڪري آزادي مارچ جي رستا روڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻن ۽ وفاقي وزيرن شهريار آفريدي، فردوس عاشق اعواڻ، شوڪت يوسف زئي، فياض الحسن چوهاڻ، شفقت محمود سميت شيخ رشيد ۽ ٻيا هڪ پاسي اها به دعويٰ ڪري رهيا آهن ته جي يو آءِ وٽ ماڻهو ئي ناهن جيڪي رستن اچن ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي لاڪ ڊائون ڪري سگهن، فضل الرحمان جو آزادي مارچ کي انتهائي خراب نموني سان ناڪامي نصيب ٿيندي. ٻئي پاسي وري وفاقي حڪومت جي قدمن مان لڳي رهيو آهي ته جي يو آءِ پاران اعلانيل آزادي مارچ سان وفاقي حڪومت خاص طور تي وزيراعظم عمران خان ذاتي طور تي به سخت پريشانين ۽ ويڳاڻپ جو شڪار ٿيندو پيو وڃي. وزيراعظم عمران خان جي خصوصي هدايتن کانپوءِ اسلام آباد جي مقامي سول انتظاميا، پوليس ۽ وفاقي گهرو وزارت پاران اسلام آباد کي اڳواٽ ئي سيل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد جي مک سياسي چوڪ،” ڊي چوڪ “ کي گذريل سومر ڏهاڙي کان سيل ڪيو ويو آهي، جتان کان مختلف پاسن ڏانهن ٽريفڪ کي تمام گهٽ ڇڏيو پيو وڃي. اسلام آباد جي ٻين اهم ڪاروباري ۽ سرڪاري هنڌن /آفيسن ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن کي ڪنهن به وقت سيل ڪرڻ لاءِ ڪنٽينرز ۽ ٽرالرز ڀرپاسن سان بيهاريا ويا آهن. اسلام آباد شهر ۾ داخل ٿيندڙ سمورن رستن جي مک جاين تي به ڪنٽينرز بيهاريا ويا آهن.

ان ئي سلسلي ۾ خيبرپختونخوا ۽ پنجاب حڪومتن پاران به آزادي مارچ جي رستي روڪ لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن. ڪي پي سرڪار پاران  اٽڪ پل کي مڪمل طور سيل ڪرڻ لاءِ سمورا اپاءَ وٺي ڇڏيا آهن، ڪي جي صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي جو چوڻ آهي ته هُو وفاقي حڪومت خاص طور تي وزيراعظم عمران خان جي حڪم جا منتظر آهن جيئن ئي کين گرين سنگنل ملندو تيئن ئي اٽڪ پل ۽ ٻيا لنگهه بند ڪري آزادي مارچ کي ناڪام بڻائينداسين.

آزادي مارچ ۽ حڪومتي قدمن کي نظر ۾ رکندي امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته وفاقي حڪومت پاران جيڪي قدم اسلام آباد ۾ کنيا پيا وڃن، يا وري اٽڪ پل بند ڪرڻ، پنجاب واري پاسي کان سنڌ پنجاب دنگ، سنڌ-بلوچستان-پنجاب دنگ وٽ به پنجاب واري پاسي کان آزادي مارچ جي قافلن جي رستا روڪ لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن، اُهي قدم رڳو اسلام آباد ۾ ڌرڻي کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ وفاقي حڪومت خاص طور تي صوبائي حڪومتن لاءِ مٿي جو سُور بڻجي ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *