Thursday , April 25 2024

جي آءِ ٽي ميمبرن کي ڌمڪيون، شاھ کان وڌيڪ شاھ جا وفادار ڏچي ۾ اچي ويا

PMLN leaders

اسلام آباد: سپريم پاران پاناما مامري جي جاچ لاءِ جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم / جي آءِ ٽي خلاف وڏي واڪي بيان بازي ڪندڙ نواز ليگ جي اڳواڻن ۽ چئن وفادارن جي نئين پريشاني شروع ٿي وئي آهي. سپريم ڪورٽ اڳواڻن طلال چوڌري، خواجا سعد رفيق، آصف ڪرماڻي، خواجا آصف جي ڪيل تقريرن ۽ پريس ڪانفرنسز جا مڪمل تفصيل گهرائي ورتا آهن.

 سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت سياستدانن پاران جي آءِ ٽي کي مبينا ڌمڪيون ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ليگي اڳواڻن جي بيانن جو ٽرانسڪرپٽ طلب ڪري ورتو آهي، ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت نواز ليگ جي اڳواڻن پاران جي آءِ ٽي کي ڌمڪيون ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ طلال چوڌري، خواجا سعد رفيق، آصف ڪرماڻي، خواجا آصف ۽ ٻين اڳواڻن جي بيانن جو ٽرانسڪرپٽ طلب ڪري ورتو آهي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪجهه ماڻهو وڌيڪ جذباتي ٿي ويا آهن، جنهن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل فواد چوڌري چيو ته رانا ثناءُ الله جو نالو رهجي ويو آهي، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته توهان جو نالو پڻ رهجي ويو آهي، جنهن تي عدالت ۾ ٽهڪڙو مچي ويو، عدالت وڪيلن کي حڪم ڏنو ته پاناما ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي تي ڌريون پنهنجن پراڻن دليلن کي وري نه ورجائين، جي آءِ ٽي رپورٽ پڙهي اچن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *