Friday , March 29 2024

جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۽ ن ليگ جي حڪمت عملي – مسلم ميراڻي

Muslim

جي آءِ ٽي پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڪيس جي جاچ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي  ۽ لڳي اڃي رهيو آهي ته هن دفعي شريف خاندان جو احتساب ٿي رهندو. اسلام آباد سميت پوري ملڪ ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ تي تبصرا ۽ تجزيا جاري آهن. اهو پيو چيو پيو وڃي ته جي آءِ ٽي طرفان قطري شهزادي حماد بن جاسم سان خطن جي مٽاسٽا جي جائزي سميت سمورن بيانن ۽ شاهدين کي دستاويزي شڪل ڏني وئي آهي ۽ پرڏيهه مان حاصل ڪيل شاهدين کي به رڪارڊ جو حصو بڻايو ويو آهي. جڏهن ته آڊٽ فورمز جي رپورٽ ۽ دبئي مان ملندڙ دستاويز به رپورٽ ۾ شامل آهن. سپريم ڪورٽ جي جوڙيل جي آءِ ٽيءَ طرفان وزيراعظم ميان نواز شريف، حسن نواز، حسين نواز، مريم نواز، ڪئپٽن صفدر، اسحاق ڊار، شهباز شريف سميت ٻين شخصيتن ۽ ادارن جي  سربراهن جا بيان قلمبند ڪيا ويا هيا ته جيئن سپريم ڪورٽ جي 13 سوالن جو جواب ڳولهيا وڃن. ياد رهي ته جي آءِ ٽيءَ جي جوڙيل رپورٽ تي ئي ميان نواز شريف ۽ ان جي خاندان جي مستقبل جو فيصلو ٿيڻو آهي. ان ڪري ن ليگ وارا پهنجي پريشاني جو اظهار وقت سر ڪندا رهيا آهن. جي آءِ ٽيءَ جي رپورٽ پيش ٿيڻ کانپوءِ  وزيراعظم ميان نواز شريف جي صدارت هيٺ حڪومت جو غير رسمي اجلاس پڻ ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن، صلاحڪارن ۽ قانوني ماهرن اجلاس شرڪت ڪئي ۽ وزيراعظم ميان  نواز شريف کي جي آءِ ٽي جي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ مستقبل جي حڪمت عملي تي به غور و فڪر  ڪيو ويو آهي ياد رهي ته ن ليگ وارا پهريائين ئي ان جي آءِ ٽي تي عدم اعتماد جو ذڪر ڪندا رهيا آهن.

هن وقت جيڪي جي آءِ ٽيءَ جي جوڙيل رپورٽ تي تبصرا ٿي رهيا آهن ۽  چيو پيو وڃي ته ان رپورٽ ۾ اها به سفارش ڪئي وئي آهي ته شريف خاندان جي خلاف ريفرنس نيب کي موڪليو وڃي ۽ ان سان گڏو گڏ جي آءِ ٽيءَ جي سربراهه پهنجي رپورٽ جي جلد نمبر 10 جي لاءِ سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي وئي آهي. اهڙي سفارش ۾ ڪارڻ ٻڌائيندي ڪميٽي جي سربراهه جو چوڻ آهي ته، ڇو ته ان ۾ پرڏيهي ملڪن مان مليل دستاويز ۽ انهن جي جاچ پڙتال تي مشتمل دستاويز شامل آهن.

JIT report 02

جي آءِ ٽي جي ان رپورٽ جي حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ان جي ڳالهه سچ ثابت ٿي وئي آهي هاڻي رڳو اهو ڏينهن اچڻو آهي جڏهن وزير اعظم ميان نواز شريف استعيفيٰ ڏئي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ ۾ پاناما جو ڪيس تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان، شيخ رشيد ۽ جماعت اسلامي جو سربراهه سينيٽر سراج الحق کڻي ويا هيا ۽ گهڻي عرصي کان عمران خان ۽ شيخ رشيد چئي رهيا آهن ته وزير اعظم ميان نواز شريف پاناما ڪيس ۾ نااهل ثابت ٿيندو ۽ ان جو سياسي باب هميشيه هميشيه جي لاءِ ختم ٿي ويندو.

khurshed-shah mehmood- siraj

ٻئي طرف جماعت اسلامي جي سربراهه سينيٽر سراج الحق جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ان جو چوڻ آهي ته شريف خاندان جو پورو احتساب ڪون ٿي سگهندو. جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو پڻ چوڻ آهي ته  ميان نواز شريف کي وزير اعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ کپي ۽ پهنجي ئي پارٽي جي ڪنهن شخص کي وزير اعظم بڻائي. جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين  آصف علي جي جي آءِ ٽيءَ جي حوالي بيانن ۽ خطابن کي ڏٺو وڃي ته ته انهن جو چوڻ هيو ته انهن جي،  جي آءِ ٽي ته ٿاڻن ۾ ٿيندي هئي ۽ انهن جي زبانن ۽ ڳچي کي ڪٽي ڪري بيان ورتا ويندا هيا پر ميان نواز شريف جي خاندان جي جي آءِ ٽي تي ايئر ڪنڊيشن ڪمري ۽ اڪيڊميءَ ۾ ٿي رهي آهي. اها ڳالهه به سڀني کي ياد هوندي ته، پاڪستان پيپلز پارٽي ن ليگ تي اهي الزام پڻ هڻندي رهي آهي ته اهي ماضيءَ ۾ پهنجي مرضيءَ سان فيصلا حاصل ڪندا رهيا آهن ۽ هاڻي به اهي ان ڪوشش ۾ آهن  پاناما ليڪس مان ڪنهن صورت جان ڇڏائي وڃي. ان کان علاوه پاڪستان تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي ۽ شيخ رشيد جي سياست کي ڏٺو وڃي ته اهي شريف خاندان جي خلاف پاناما ليڪس کي سپريم کڻي ويا هيا ۽ شروعاتي وقت ۾ اهي ٽئي ڌريون سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪري رهيا هيا ته ڪابه جي آءِ ٽي نه ٺاهي وڃي بس سپريم ڪورٽ پهنجو فيصلو ٻڌائي. وقت گذرڻ سان گـڏ انهن جا الزام، بيان ۽ خطاب تبديل ٿيندا رهيا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي بيان کي ڏٺو وڃي ته اهو چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن ن ليگ وارن سپريم ڪورٽ  جي خلاف ڪابه ڳالهه ڪئي ته پوري قوم کي اهو روڊن تي وٺي ايندو.

Maryam

گڏو گڏ عمران خان ۽ شيخ رشيد قوم کي اڳواٽ ميان نواز شريف  جي نا اهليءَ جي حوالي سان مبارڪون پڻ ڏئي چڪا آهن ته وقت ويجهو اچي ويو آهي ۽ نواز ليگ جي حڪومت ختم ٿيڻ واري آهي. اتي اهو سوال پڻ ڪيو پيو وڃي ته جيڪو ڪجهه به ٿيڻ وارو آهن ان حوالي سان عمران خان ۽ شيخ رشيد کي خبر ڪيئن ٿي پئجي وڃي؟ انهن کي اندر جي خبر ڪير ٿو ڏئي؟ يا  وري واقعي سازش ٿي رهي آهي ۽ اسڪپرٽ لکجي چڪو آهي. ڪجھ تجزيا ڪارن جي خيال آهي ته سازشي ٽولي پهنجو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ايمپائر جي آڱر مٿي ٿيڻ واري آهي جنهن جو انتظار عمران خان گهڻي عرصي کان ڪري رهيو آهي ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته ان ڪري ئي پيپلز پارٽي ۽  ق ليگ جا ماڻهون تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي رهيا آهن ڇو جو انهن کي پڪ آهي ته تحريڪ انصاف کي اقتدار ملڻ وارو آهي باقي نه ته انهن کي پيپلز پارٽي ۽ ق ليگ کان نه ئي ڪا نفرت آهي نه ئي عمران خان سان ڪو پيارآهي بس اقتدار جي چاهه ۽ امپائر جي اشاري تي سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي. جي آءِ ٽي جي رپورٽ اچڻ بعد اهو به چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن ميان نواز شريف نا اهل ٿي وڃي ٿو ته ن ليگ جي به گھڻا ئي ماڻهون تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿندا ۽ جيڪڏهن سازشي نظريي واري ڳالهه سچي آهي ته پوءِ  تحريڪ انصاف مستقبل جي ق ليگ ثابت ٿي سگهي ٿي.

پاڪستان جي تاريخ  ۾ سازشي سوچ ۽ اڳڪٿيون پڻ ٿينديو رهيون آهن ۽ گهڻي قدر اهي سچيون به ثابت ٿيون آهن. پر جيڪڏهن گذريل پيپلز پارٽيءَ جي حڪومتي پنجن سالن ۽  ن ليگي حڪومت جي گذريل چئن سالن کي ڏٺو وڃي ته اهي  سازشي سوچ جون  اڳڪٿيون سچ ثابت ڪون ٿي سگهيون آهن پر حڪومتون مختلف بحرانن جو شڪار ٿينديون رهيون ۽ صدقا ۽ خيرات ڏئي ڪري پهنجي جان ڇڏائينديون رهيون آهن.هن وقت جيڪڏهن ن ليگ جي حڪمت عمليءَ کي ڏٺو وڃي ته اها ان ڪوشش ۾ آهي ته ميان نواز شريف کي جلدي استعيفيٰ نه ڏيڻ کپي ۽ جي آءِ ٽيءَ جي خلاف قانوني جنگ وڙهي وڃي. پر جيڪڏهن ن ليگ جي پريشاني ۽ جي آءِ ٽيءَ جي رپورٽ  کي ڏٺو وڃي جنهن ۾ اهو واضع ٿي ويو  آهي ته شريف خاندان وٽ پهنجي مال و ملڪيت جي حوالي سان ڪي خاص ثبوت موجود نه آهن ۽ نه ئي وري اهي جي آءِ ٽيءَ کي مطمعئن ڪري سهگيا آهن ان ڪري لڳي رهيو آهي ته هن دفعي ڪا وڏي قرباني يا سياسي شهادت ان کي ضرور ڏيڻي پوندي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *