Wednesday , April 24 2024

جيڪب آباد ۾ واهه جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 12 پورهيت بيهوش

جيڪب آباد( رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) راڄ واهه جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 12 پورهيت بيهوش، پورهيتن کي سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرز پاران ٻن پورهيتن جي حالت ڳڻتي جوڳي قرار. چانڊڪا اسپتال ۾ علاج جاري. جيڪب آباد ڀرسان راڄ واهه جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 12 پورهيت بيهوش ٿي ويا، ٻن پورهيتن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. شهر جي وچ مان نڪرندڙ راڄ واهه جي پورهيت صفائي ڪري رهيا هئا ته ساهه ٻوساٽجڻ سبب 12 پورهيت بيهوش ٿي ويا. اطلاع تي سٽي پوليس ۽ شهرين  ٽيئون رام پل وٽ پهچي پورهيتن کي راڄ واهه مان ڪڍي سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪيو.بيهوش ٿيل پورهيتن ۾ افضل، طارق، طاهر، دلدار، افتخار، مصطفي، شڪيل، نواز، اصغر، نياز، سني ۽ محسن شيخ شامل آهن. بيهوش ٿيل پورهيتن مان ٻن پورهيتن کي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب کين چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته راڄ واهه ۾ شهر جي گهرن ۽ دڪانن جي گندي پاڻي جو ڇوڙ ڪيو ويندو آهي، جنهن جي وڏي عرصي کان صفائي ناهي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *