Friday , March 29 2024

جيڪب آباد ۾ جرڳو ڪرائڻ کان انڪار، سردار زادي ڳوٺاڻي جون مڇون ڪوڙي ڇڏيون

جيڪب آباد: وڏيري پاران تذليل جو نشانو بڻيل نوجوان – سنڌسماءَچار فوٽو

جيڪب آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) جيڪب آباد واسي ڳوٺاڻي کي ڪارنهن تڪرار جو جرڳو ڪرائڻ کان انڪار تي وڏيرو مڇرجي پيو، ڳوٺاڻي کي بنگلي تي گهرائي کيس تشدد جو نشانو بڻائي مڇون ڪوڙي چور قرار ڏئي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس به وڏيري جي ونگارو بڻجي ڳوٺاڻي کي لاڪ حوالي ڪري ڇڏيو. جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد اولڊ ميونسپل روڊ تي وڏيري قادر خان کوسي جي محافظن نوجوان نياز کوسو کي ڳوٺ قادرپور مان کنڀي جيڪب آباد آندو، جتي هڪ بنگلي تي محافظن تشدد ڪرڻ بعد سندس مڇون ڪوڙي کيس تذليل جو نشانو به بڻايو ۽ مٿس سخت تشدد به ڪيو. وڏيري ڳوٺاڻي جي تذليل ۽ تشدد ڪرڻ بعد کيس چور ڄاڻائي کيس پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. www.sindhsamaachar.com کي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته نوجوان کي پوليس جي سامھون تذليل جو نشانو بڻايو ويو، جنهن  دوران پوليس اهلڪار خاموش تمشاو ڏسندا رهيا. تذليل جو نشانو بڻيل نوجوان جو چوڻ آهي ته، ته قادر خان کوسو جي محافظن زبردستي ڳوٺ کان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو. جنهن بعد حد جي سٽي ٿاڻي جي پوليس نوجوان جي فرياد تي وڏيري جي محافظن بشير احمد، وقار احمد ۽ نصير کوسو خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو ۽ هڪ جوابدار نصير کوسو کي گرفتار به ڪري ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *