Thursday , April 25 2024

جيڪب آباد ۾ بيدردي سان قتل ڪيل ناري جي خون سان نيٺ انصاف ٿي ويو

جيڪب آباد ۾ بيدردي سان قتل ڪيل ناري جي خون سان نيٺ انصاف ٿي ويو، ناري جي والد، ٻن ڀائرن سميت 5جوابدارن کي عمرقيد جي سزا اچي وئي

جيڪب آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) جيڪب آباد ۾ 7 سال اڳ پوليس جي نااهلي ۽ لاپرواهي جي نتيجي ۾ پيءُ ڀارن هٿان قتل ڪيل نوجوان ناري انيلا ڌرپالي جي خون سان ستن سالن کانپوءِ نيٺ انصاف ٿي ويو آهي، ماڊ: ڪورٽ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ناري جي والد ۽ ٻن ڀائرن، تڏهوڪي ڊي ايس پي سوڌو 4 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته ڊي ايس پي ۽ ٺيڪيدار کي به ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ڏني وئي آهي. ماڊل ڪرمنل ڪورٽ 7 سال اڳ بيرحميءَ سان قتل ٿيل ناري انيلا ڌرپالي جي ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت ناريءَ جي والد عدالعزيز، ڀاءُ وسيم احمد، منظور احمد ۽ محمد اسلم ابڙو کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ هڪ – هڪ لک رُپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ کين وڌيڪ هڪ سال قيد ڪاٽڻي پوندي. عدالت جوابدار ڊي ايس پي عبدالمجيد ابڙو ۽ ٺيڪيدار رزاق بهراڻي کي 6-6 مهينا قيد ۽ 30-30 هزار رُپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ هڪ مهينو قيد ڪاٽيندا.

عدالت ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ڪيس ۾ نامزد ڪيل پنج جوابدارن کي ثبوت نه ملڻ جي بنياد تي بيڏوهي قرار ڏيندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت پاران بري ڪيل جوابدارن سب انسپيڪٽر عبدالاحد سومرو، نذير احمد، الهه يار، عبدالله ۽ رشيد کي ثبوت نه ملڻ جي بنياد تي آجو قرار ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته مقتولڻ جي امڙ ملوڪان، فرزانه ۽ بلاول کي ڪيس ۾ روپوش ڄاڻايو ويو آهي. ياد هجي ته ناري انيلا ڌرپالي 7 سال اڳ زبردستي شادي ٿيڻ خلاف گهران نڪري وئي ۽ سٽي ٿاڻي تي پناهه ورتي هئي، تڏهوڪي ڊي ايس پي عبدالمجيد ابڙو وري ناريءَ کي تحفظ ڏيڻ بدران ضمانت تي ٺيڪيدار رزاق بهراڻي حوالي ڪري ڇڏيو هو، اُن کانپوءِ ناري قتل ٿي وئي. سال 2002ع ۾ سرڪار جي مدعيت تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *