Friday , March 29 2024

جيڪب آباد: مبينا طور اغوا ٿي ويل 2 نينگر ٻه هفتا گذرڻ باوجود ڇڏائجي نه سگهيا، وارثن ۽ شهرين جو احتجاج جاري

Jacobabad child 1Jacobabad child 2

جيڪب آباد شهر مان ٻه هفتا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل ٻن دوستن 15 سالن جي محمد عمر پٽ آفتاب قريشي ۽ 15 ورهين جي ٻئي نينگر محمد اويس پٽ سعيد سيال جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٻنهي کي اغوا ڪيو ويو آهي.

جيڪب آباد ۾ سياسي، سماجي، واپاري ۽ مذهبي تنطيمن پاران 14 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل سيپڪو ملازم آفتاب قريشي جي 15ورهين جي پٽ محمد عمر قريشي ۽ سندس دوست 15ورهين جي محمد اويس پٽ سعيد احمد سيال جي بازيابي لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري آهي.

جيڪب آباد شهر جي سونارڪي بازار چوڪ تي ٻن ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتال ڪئي. بعد ۾ مظاهرين پريس ڪلب آڏو پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. هن موقعي تي چيمبر آف ڪامرس جي صدر احمد علي بروهي، هندو پنچائت جي صدر لالچند سيتلاڻي، پ پ ش ڀ جي ضلعي صدر نديم قريشي، جماعت اسلامي جي ديدار لاشاري، ڪائونسلر هارون رشيد سومرو، قومي عوامي پارٽي جي جي ايم سومرو، منظور ڀٽو، سونارا ايسوسيئيشن جي محمد يوسف ميمڻ، مغوي نينگرن جي وارثن ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جيڪب آباد مان 14 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل ٻن نينگرن کي پوليس اڃا تائين بازياب ناهي ڪري سگهي. هنن اعلان ڪيو ته اڄ وزير اعظم محمد نواز شريف جي جيڪب آباد آمد دوران نينگرن جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

شهيد پروفيسر اجمل ساوند جو قتل، بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سميت ڪنهن به پ پ اڳواڻ مذمت نه ڪئي

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ڪشمور ۾ قبيلائي تڪرار تان شهيد ڪيل پروفيسر اجمل ساوند …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *