Friday , April 26 2024

جيش محمد جي سربراهه مسعود اظهرجو ڀاءُ ۽ پٽ اصلاحي حراست هيٺ

اسلام آباد: مملڪتي وزير شهريار آفريدي پريس ڪانفرنس ڪندي

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت جي حڪمن تي پابندي مڙهيل جيش محمد جي سربراهه مولانا مسعود اظهر کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته حماد اظهر ۽ مفتي عبدالرئوف کي اصلاحي حراست ۾ ورتو ويو آهي، انهن جي گرفتاري بابت فيصلو نيشنل ايڪشن پلان مطابق ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهريار آفريدي گهرو وزارت جي سيڪريٽري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، سيڪيورٽي ادارن مولانا مسعود اظهر جي ڀاءُ مفتي عبدالرئوف ۽ پٽ حماد اظهر سميت 44 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي. گهرو وزارت پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي مطاقب نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرڻ ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ بابت گهرو وزارت جو هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺڻ يا وري گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، پابندي مڙهيل تنظيمن جي انهن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي اصلاحي حراست ۾ وٺڻ جو عمل جاري رکيو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزارت جي عملدار سليمان خان چيو ته، ڪارروائي سمورين پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ٿيندي، اسان اهڙو ڪو به تاثر ڏيڻ نه ٿا چاهيون ته ڪو ڪنهن هڪ ڌر يا تنظيم جي خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *