Friday , March 29 2024

جيالو حاجي مظفر شجراع ۽ عبدالقادر بلوچ به پي ٽي آءِ جاکلاڙي ٿي ويا

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ، اڳوڻو صوبائي وزير حاجي مظفر شجراع ۽ پ پ ملير جو جنرل سيڪريٽري قادر بخش بلوچ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي ويا آهن، پ پ ترجمان اسلام آٻاد مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته، حاجي مظفر شجراع کي پارٽي مان نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي. شميم نقوي چيو آهي ته حاجي مظفر شجراع جي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ سان ڪراچي جي ٻهراڙين ۾ پارٽي مضبوط ٿيندي. ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جي ڊويزنل صدر شميم نقوي سان گڏ اڳوڻي صوبائي وزير مظفر شجراع ۽ پ پ ملير جي جنرل سيڪريٽري قادر بخش بلوچ پريس ڪانفرنس ڪئي، ٻنهي اڳواڻن پريس ڪانفرنس دوران باقائده پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي فردوس شميم نقوي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ملير مان اهم شخصيتون پي ٽي آءِ شامل ٿيون آهن، مظفر شجراع، عبدالقادر بلوچ ۽ عبدالباري جيلاني کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. سندس چوڻ هو ته مظفر شجراع نرم دل ۽ ايماندار انسان آهي. جيڪو به ايندو آهي اهو نئين پاڪستان جو عزم ڪري ايندو آهي. ان موقعي تي مظفر شجرا چيو ته عزت جي خاطر پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو آهيان. محنت سان ڪم ڪندس، ڪرپشن خلاف عمران خان جي جدوجهد متاثر ڪندڙ آهي. عبدالقادر بلوچ چيو ته پ پ جي 10 ورهين جي دور ۾ سنڌ مسئلن جو ڳڙهه بڻجي وئي، هاڻي پ پ جي وَس جي ڳالهه ناهي ته اها سنڌ جا مسئلا حل ڪري سگهي، اسان کي اميد آهي ته وزيراعظم پنهنجي نظريي تي هلندي سنڌ جا مسئلا حل ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *