Friday , March 29 2024

جهنگلي جيوت کاتي جي لاجواب ڪارڪردگي، 3 ڪروڙ خرچ نه ٿيڻ ڪري واپس ٿي ويا

Langh lake

سنڌ جي جهنگلي جيوت کاتي جي لاجواب ڪارڪردگيءَ سبب هاليجي ڍنڍ، لنگھ ڍنڍ، کيرٿر نيشنل پارڪ ۽ نوابشاھ ۾ پارڪ لاءِ گذريل مالي سال جي بجيٽ ۾ رکيل 3 ڪروڙ رپين مان ٽيڊي پائي به خرچ نه ٿي سگهي. مالي سال 2016-17 جي بجيٽ ۾ رکيل رقم خرچ نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ واپس ٿي وئي.

ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي وائلڊ لائيف کاتي طرفان مالي سال 2016 / 2017ع دوران سالياني ترقياتي پروگرام تحت هلندڙ اسڪيمن لاءِ وقت سر ناڻي کاتي کي ليٽر نه لکڻ سبب 3 ڪروڙ رپيا واپس ٿي ويا آهن. ليپس ٿيل رقم وارين اسڪيمن ۾ اي ڊي پي 578، 579 ۽ 580 شامل آهن، جنهن مان 579 تحت 2 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ٺٽي ضلعي جي هاليجي ڍنڍ ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي لنگهه ڍنڍ تي ڪم هلندڙ هو. جنهن ۾ فلوٽنگ روم (پاڻي ۾ ترڻ وارا ڪمرا) فلوٽنگ مائونڊر (ترڻ وارا پليٽ فارم) اوور هيڊ ۽ پاڻي جي ٽانڪين جي تعمير سميت ٻيا ترقياتي ڪم ٿيڻا هئا.

کاتي جي ترقياتي اسڪيم 580 تحت هڪ ڪروڙ 70 لک رپين جي خرچ سان کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ جهنگلي جانورن کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ سج جي روشني تي هلندڙ 16 سولر واٽر پمپ لڳائڻا هئا، ٻڌايو وڃي ٿو ته کيرٿر، ڪانڀو، دنبار ۽ ٻين جبلن تان گڍ، هرڻ ۽ سرهه سميت ڪيترائي جهنگلي جانور هتي اچن ٿا ۽ گرمي ۾ کين پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ ڪري انهن جو گهڻو نقصان ٿئي ٿو، انهي ڳالهه کي نظر ۾ رکندي حڪومت طرفان هتي سولر ٽيوب ويل لڳائڻ واري اسڪيم منظور ڪئي وئي هئي. اسڪيم 578 تحت 2 ڪروڙ 30 لک رپين جي خرچ سان نوابشاهه ضلعي جي ديهه اڪرو ۾ وائلڊ لائيف کاتي جي جانورن جي پڃرن سميت مختلف ترقياتي ڪم ٿيڻا آهن.

Haleji lake 2

ذريعن موجب سالياني ترقياتي پروگرام تحت انهن ٽنهي اسڪيمن لاءِ مالي سال جي ٻن ڪوارٽرن جي يعني اڌ رقم ته اڳ ۾ ئي جاري ٿي چڪي هئي، جڏهن ته باقي اڌ رقم لاءِ ناڻي کاتي جي مقرر ڪيل تاريخ 15 مئي تائين جهنگلي جيوت کاتي طرفان ناڻي کاتي سان لکپڙهه نه ڪرڻ سبب رقم جاري ٿيڻ جو وقت گذري ويو ۽ انهن اسڪيمن جا تقريبن 3 ڪروڙ رپيا ويندڙ مالي سال دوران ليپس ٿي ويا آهن، ذريعن موجب انهن اسڪيمن جا ٽينڊر پڻ ٿي چڪا آهن پر رقم ليپس ٿيڻ سبب ڄاڻايل اهم ترقياتي اسڪيمن جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *