Wednesday , April 24 2024

جهل مگسي ۾ مدئجي واسي ڄاڃين جي بس سان حادثو 13 ڄڻا فوت، 39 ڄڻا زخمي

جهل مگسي ۾ مدئجي واسي ڄاڃين جي بس سان حادثو، 13 ڄڻا فوت، 39 ڄڻا زخمي، شادي وارو گهر ماتم ۾ تبديل

صحبت پور( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي جهل مگسي واري علائقي ۾ ڄاڃين سان ڀريل ويگن ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ مدئجي واسي 13 ڄاڃي فوت، 39 ڄڻا زخمي، فوتين ۽ زخمين جو واسطو بروهي برادري سان آهي، ڄڃ جهل مگسي ويجهو لسٻيلي کان شڪارپور جي مديجي واري علائقي ڳوٺ دڙو وڃي رهي هئي ته بس جي تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، 25 زمخي ٿي پيا، زخمين کي شحداد ڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو پي ويو ته زخمين مان 4 ڄڻا زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو، جڏهن ته شهداد ڪوٽ اسپتال ۾ علاج دوران وڌيڪ ٽي ڄڻا به فوت ٿي ويا، جنهن بعد حادثي جي فوتين جو انگ وڌي 13 ٿي ويو، زخمين مان 20 کان وڌيڪ زخمين کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري داخل ڪيو ويو آهي، جتي سندن علاج هلندڙ آهي. حادثي ۾ فوت ٿيل عورتن ۽ ٻارڙن سميت سمورن زخمين جا مڙهه مدئجي ويجهو دڙو ۽ بروهي ڳوٺ منتقل ڪيا ويا آهن، مڙهه ڳوٺن ۾ پهچڻ کانپوءِ وارثن ۾ روڄ راڙو متل آهي، ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *