Friday , April 26 2024

جهانگير ترين جي نااهلي برقرار،پارٽي عهدو به نه رکي سگهندو

اسلام آباد( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم عمران خان جي ويجهي دوست جهانگير ترين جي نااهلي تي نظرثاني واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ جهانگير ترين جي نااهلي وارو فيصلو برقرار رکيو آهي. چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ قائم سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ جهانگير خان ترين کي نااهل قرار ڏيڻ واري فيصلي خلاف سندس پاران داخل نظرثاني واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. جهانگير ترين جي وڪيل اڪرم شيخ عدالت آڏو دليل ڏيندي چيو ته، ”اسان نظرثاني واري درخواست تي ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ جوڙڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي چڪا آهيون،عدالت هن نوعيت جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ نظرثاني لاءِ لارجر بئنچ جوڙي چڪي آهي، شڪيل اعواڻ ۽ شيخ رشيد وارو ڪيس ان جو مثال آهي.“ جنهن تي چيف جسٽس ثاقب نثار سوال ڪيو ته، مطلب اهو آهي ته اوهان لارجر بئنچ ٺاهڻ لاءِ چئي رهيا آهيو؟ اڪرم شيخ چيو ته، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته، هي اهو ڪيس ناهي جنهن ۾ سختي سان قانون لاڳو ڪيو وڃي يا لاڳو ٿي سگهي، ڊان اخبار جي خبر ۾ به چيو ويو آهي ته، فل ڪورٽ بئنچ ٺهڻ گهرجي. اڪر شيخ جي ان موقف تي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو ته؛ اسان اخبارن جي چوڻ تي فيصلا ناهون ڪندا. بئنچ جي هڪ جج، جسٽس عمر عطا بنديال وڪيل اڪرم شيخ کان پڇيو ته، ڇا اوهان اقليتي فيصلي جو حوالو ڏئي رهيا آهيو؟ اڪرم شيخ چيو ته، نه اقليتي فيصلو نه پر ان فيصلي ۾ چيف جسٽس کي سفارش ڪئي وئي، شيخ رشيد جي فيصلي ۾ ست سوال اٿاريا ويا هئا. جنهن گتي چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته، جيڪڏهن آرٽيڪل 184 تحت ڪنهن شخص جي خلاف ڪيس هجن ته پوءِ اوهان جي درخواست ته خارج (رد) ٿي ويندي، لارجر بئنچ ڇو ٺاهيون ان لاءِ اوهان اسان کي ڪو به قانوني جواز ٻڌايو. جنهن تي اڪرم شيخ جواب ڏنو ته قانون هر شخص لاءِ قانون هڪ جهڙو هجي، اڪرم شيخ  جي دليل مڪمل ٿيڻ بعد سپريم ڪورٽ ارڪ شيخ جي درخواست رد ڪندي نااهلي وارو عدالتي فيصلو برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *