Saturday , April 20 2024

جهانگير ترين جي مخالفت، شاهه محمود قريشي اڪيلو ٿي ويو

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي – سنڌسماءَچار فائل فوٽو

اسلام آباد(خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وزيراعظم عمران خان جي ويجهي ساٿي جهانگير ترين وچ ۾ اختلاف کانپوءِ اڪيلو ٿي ويو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪابينا اجلاس ۾ به جهانگير ترين جي حمايت ڪندي چيو ته سندس مرضي آهي، جنهن کي اجلاس ۾ سڏائي جنهن کي نه سڏائي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ تڪرار منظر تي اچڻ کانپوءِ شاهه محمود قريشي کي پي ٽي آءِ ۾ سخت مخالفت جو به منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهيو، هن وقت تائين سندس ڪنهن به پارٽي اڳواڻ سندس حمايت ناهي ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين وچ ۾ لفظي جنگ کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين جي حق ۾ ميدان ۾ اچي ويا، فواد چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت قائم ٿيڻ ۾ جهانگير ترين جو وڏو ڪردار آهي، وزيراعظم جي خواهش تي ئي جهانگير ترين ڪابينا اجلاس ۾ شرڪت ڪري ٿو، فيصل واوڊا چيو آهي ته جهانگير ترين پارٽي لاءِ خدمتون ڏنيون آهن، اسان سندس تجربي مان فائدو حاصل ڪريون پيا، پارٽي ۾ ڪير به اسان کي ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين وچ ۾ لفظي جنگ کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين جي حق ۾ ميدان ۾ اچي ويا، فواد چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت قائم ٿيڻ ۾ جهانگير ترين جو وڏو ڪردار آهي، فيصل واوڊا چيو آهي ته جهانگير ترين پارٽي لاءِ خدمتون ڏنيون آهن. اسان سندس تجربي مان فائدو حاصل ڪريون پيا.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر لفظي جنگ شروع ٿي وئي آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين جي حق ۾ ميدان ۾ اچي ويا آهن. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اڄ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي ته ان جي قائم ٿيڻ ۾ جهانگير ترين جو وڏو ڪردار آهي. فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم جي خواهش تي جهانگير ترين ڪابينا جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري ٿو، ڪجهه ماڻهن کي وزيراعظم جي خواهش جو احترام ڪرڻ گهرجي. فواد چوڌري چيو ته جهانگير ترين خلاف عدالتي فيصلو بدقسمتي هو، جهانگير ترين چونڊن مان ٻاهر ٿيو آهي پر هو اڄ به پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي دلين ۾ آهي. وفاقي وزير فيصل واوڊا جو چوڻ آهي ته جهانگير ترين پارٽي لاءِ خدمتون ڏنيون آهن، اسان سندس تجربي مان فائدو حاصل ڪريون پيا. هن چيو ته پارٽي ۾ ڪير به اسان کي ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهي، وزيراعظم عمران خان سندن ليڊر آهي ۽ هو  ان جون ئي هدايتون وٺن ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *