Thursday , March 28 2024

جهاز سانحي جي جاچ ۽ پائليٽ؛ سنڌسماءَچار هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني کان اڳتي، پائليٽ جي والد واضح ڪري ڇڏيو

ڪراچي (چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ توڙي ملڪي سطح جي اهم اشوز تي سنڌسماءَچار پنهنجي روايت قائم رکي آهي، ته اهم معاملن جي اندروني ڪهاڻي ۽ اصل خبر پنهنجي پڙهندڙن تائين پهچائي وڃي، ان ئسي سلسلي ۾ جڏهن گذريل جمعي ڏينهن 22هين مئي تي ڪراچي ۾ پي آءِ اي جو جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو هو، جنهن جي ٻئي ڏينهن ڇنڇر تي رات جو دير سان سنڌ سماءَچار اها خبر بريڪ ڪئي هئي ته، “جهاز سانحو، معاملو فوتي پائليٽ جي ڳچي ۾ وجهڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن”، جنهن ۾ ان معاملي جا تفصيل به ڏني ويا هئا.

پي آءِ اي انتظاميا جاچ کان اڳ منهنجي پٽ تي الزام مڙهي رهي آهي، جاچ تي اعتماد ناهي: فوتي پائليٽ سجاد گل جو والد

ٻن ڏينهن کانپوءِ سومر ڏينهن ان ڳالهه جو ثبوت به منظر تي اچي ويو، ان سلسلي ۾ حادثي جو شڪار بڻجي ويل جهاز جي پائليٽ سجاد گل جي والد گل محمد ڀٽي پي آءِ اي جي جاچ ڪميٽي تي مڪمل طور بي اعتمادي جو اظهار ڪندي چيو آهي، پي آءِ انتظاميا پاڻ ئي ڪميٽي ٺاآهي آهي ۽ جاچ کان اڳ ۾ پائليٽ تي مختلف لاپرواهين جا الزام لڳايا پيا وڃن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گل محمد ڀٽي جو چوڻ هو ته سندس پٽ پي آءِ اي جو پهريون پائليٽ هو جنهن جهاز اڏارڻ (هوا ۾ رهڻ) جا 17 هزار ڪلاڪ مڪمل ڪيا هئا، هڪ ڏينهن اڳ کيس قومي هيرو ڪري پيش ڪيو ويو ۽ ٻئي ڏينهن مٿس لاپرواهين جا الزام مڙهيا ويا. هن چيو ته پي ءِ اي جي انتظاميا پاڻ نااهل آهي، انهن جي جاچ تي اعتبار ئي ناهي.

جهاز سانحو، معاملو فوتي پائليٽ جي ڳچي ۾ وجهڻ جا سانباها

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *