Friday , April 19 2024

جهاز حادثو، هڪ عورت سميت 3 مسافر معجزاڻي طور بچي ويا، اسپتال داخل

ڪراچي(مرتضيٰ ڪيريو جي ٿورن سان   سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ پي آءِ اي جي ڪري تباهه ٿيل جهاز ۾  سوار مسافرن مان هڪ عورت سميت 3 مسافر معجزاڻي طور بچي ويو آهي. حادثي جو شڪار بڻجي ويل لاهور کان ڪراچي ايندڙ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 8303  ۾ سوار ٽن مسافرن جن ۾ بئنڪ آف پنجاب جو سي اي او ظفر محمود ۽ هڪ نوجوان محمد زبير معجزاڻي طور بچي ويا آهن، جن کي جهاز ڪرڻ جي فوري طور بعد ۾ علائقي واسين امدادي ڪاررواين دوران زخمي حالت ۾ بچائي ورتو، زبير، ظفر محمود ۽ هڪ عورت کي ايئرپورٽ ويجهو دارالصحت اسپتال پچايو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي.

لاهو مان 95 مسافر ۽ عملي جا 10 ماڻھو کڻي ڪراچي پهتل PIA جو جهاز PK 8303 ايئرپورٽ ڀرسان ملير ڪينٽ ۽ ماڊل ڪالوني لڳ جناح گارڊن وٽ فني خرابي سبب لينڊنگ کان هڪ منٽ اڳم ٺيڪ 2:37 منٽن تي آبادي مٿان ڪري پيو, جنهن جي نتيجي ۾ 6 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا, جڏھن ته ڪيترين ئي عمارتن ۽ گاڏين کي به باهه جي شعلن پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آھي, سول ايوي ايشن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري فائربرگيڊ ۽ ريسڪيو عملي کي طلب ڪيو ويو آھي، جنهن باهه وسائڻ ۽ انساني زندگيون بچائڻ لاء امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آھن, جڏھن ته پوليس ۽ رينجرز جي جٿن علائقن کي گهيري ۾ آڻي رستا سيل ڪري ڇڏيا آھن، پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ آھي ته جهاز لينڊنگ جي ڪوشش ڪئي ته ڦيٿا نه کلڻ سبب ڪري پيو, ترجمان جو چوڻ آھي ته پائليٽ ڪنٽرول روم سان مسلسل رابطي ۾ هو, جنهن ٻڌايو ته جهاز جي انجڻ فيل ٿي وئي آھي, رابطو ڪٽجڻ بعد هڪ منٽ اندر ڪري تباهه ٿيو, ترجمان چيو ته هي جهاز 11 سال آپريشنل رهيو, مينٽيننس به مڪمل هئس, امدادي ڪارروايون مڪمل ٿيڻ بعد جاچ شروع ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ جڏھن ته سول ايوي ايشن ذريعن جو چوڻ آھي ته جهاز ۾ سوار سمورا مسافر, عملي جا ماڻھو ۽ تباهه ٿيل گهرن ۾ ويٺل ماڻھن ۽ راهگيرن سميت 250 جي لڳ ڀڳ ماڻھو مرڻ جو خدشو آھي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *