Friday , April 19 2024

جنسي وحشت جو نشانو بڻيل 4ورهين جي نياڻي، سوشل ميڊيا تي ويوئرشپ وڌائڻ لاءِ ٻارڙي جو ٽرائل – اصغر آزاد

هڪ پاسي اهو وحشي رفيق ملڪ آهي جنهن وحشتن جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا ۽ ٻئي پاسي ٽن کان وڌيڪ ڏينهن تائين وحشتن جو نشانو بڻجندڙ نياڻي جا فوٽو۽ وڊيوز شيئر ڪندڙ، انهن ٻنهي ۾ فرق ڪيئن ڪجي؟؟

ڪجهه ڏينهن اڳ ڪشمور ۾ پيش آيل وحشتن جي انتها تي ڇا لکجي؟ وحشي رفيق ملڪ تي ڇا لکجي؟ ڇا لکجي انهن تي جيڪي ان معصوم نياڻي جا وڊيوز ۽ فوٽو شيئر ڪري رهيا آهن؟ اسان کي سينئرس اهو سمجهايو هو ته، جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻيل عورت ياٻارڙي ۽ بدفعلي جو نشانو بڻيل نوجوان / نينگر/ ٻارِڙي جي معاملي جي رپورٽنگ ۾ انهن جو فٽو ته نه ڏيڻ گهرجي پر سندن نالو به ظاهر نه ڪرڻ گهرجي، پر گذريل ڪجهه ڏينهن کان معاملو ان جي بلڪل ابتڙ آهي، جيڪو ڏسي ۽ پڙهي اکيون رت ٿيون روئن.

ڪجهه ڏينهن اڳ ڪشمور ۾ وحشي جوابدار درندگي جا ليڪا لتاڙيندي 4 ورهين جي نياڻي کي وحشت جو نشانو بڻايو، جنهن جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ به تصديق ڪئي وئي آهي، سماجي رابطن جي ويب سائيٽس ۽ يوٽيوب چئنلز تي پنهنجي ويوئر شپ / ڏسندڙن ۽ سبسڪرائبنگ جي چڪر ۾ متاثر نياڻي جا فوٽو ۽ هڪ وڊيو شيئر ڪرڻ جو سلسلو به جاري آهي. ٽويٽر، فيس بڪ ۽ يوٽيوب تي اهڙي وڊيو شيئر ڪندڙن ۾ اڪثريت پڙهيل لکيل ماڻهن ۽ صحافين جي آهي. آءُ انهن ماڻهن جا نالا به هتي نه ٿو لکان، انهن کي ٽويٽر / فيس بڪ تي ڪمينٽ ۾ پنهنجي سمجهه آهر کين ائين نه ڪرڻ جو عرض ڪيو، جن مان فيس بڪ تي کوڙ سارن بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن جو مون کي ڪو به افسوس ناهي، سندن نالا انڪري نه ٿو لکان ته ڪو مونکي ڪو ڊپ آهي، پر انڪري نه ٿو لکان ته اهو آئينو سماجي رابطن تي ويب سائيٽس تي پيل آهي، هرڪو هڪ ڀيرو ان ۾ پنهنجو چهرو ڏسي سگهي ٿو، خود احتسابي جو عمل وڌيڪ بهتر آهي.

پر….. سوال ته آهي نه؛ ته هڪ پاسي اهو وحشي رفيق ملڪ آهي جنهن وحشتن جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا ۽ ٻئي پاسي ٽن کان وڌيڪ ڏينهن تائين وحشتن جو نشانو بڻجندڙ نياڻي جا فوٽُ ۽ وڊيوز شيئر ڪندڙ، انهن ٻنهي ۾ فرق ڪيئن ڪجي……؟؟

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

 

About Asghar Azad

Check Also

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *