Wednesday , April 24 2024

جناح اسپتال ڪيس، سنڌ جي رد ڪيل موقف تي جسٽس مقبول باقر جو اختلافي نوٽ

جناح اسپتال ڪيس، سنڌ جي رد ڪيل موقف تي جسٽس مقبول باقر جو اختلافي نوٽ

صوبن ۽ وفاق وچ ۾ اختيارين جي ورڇ جو روح ۽ بنياد صرف آئين ئي آهي:جسٽس مقبول باقر

جسٽس مقبول باقر (فائل فوٽو)

ڪراچي (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) ”صوبائي خودمختياري ڪمزور ٿيڻ بدران مضبوط ٿيڻ گهرجي، صوبن ۽ وفاق وچ ۾ اختيارين جي ورڇ جو روح ۽ بنياد صرف آئين ئي آهي“؛ هي اختلافي نوٽ جو متن آهي، جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ جناح اسپتال، اين آءِ وي سي ڊي ۽ ٻارن جي صحت واري اداري (سمورا جناح اسپتال جي ماتحت آهن) جي 18هين ترميم تحت سنڌ حڪومت حوالي ٿيڻ خلاف درخواست جي فيصلي ۾ جسٽس مقبول باقر پاران لکيو ويو آهي. جسٽس مقبول باقر پنهنجو اختلافي نوٽ لکندي آئين جي اهڙي تشريح ڪندي چيو آهي ته، صوبائي خودمختياري ڪمزور ٿيڻ بدران برقرار رهي. سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس (اڳوڻي) ثاقب نثار جي سربراهي ۾ بئنچ، سنڌ حڪومت جي 18هين ترميم جي حوالي سان داخل درخواست رد ڪندي اسپتالن کي وفاقي حڪومت جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو هو. فيصلي ۾ جسٽس مقبول باقر فيصلي سان اختلاف ڪندي پنهنجو ڌار اختلافي نوٽ لکيو. اختلافي نوٽ ۾ چيو آهي ته، وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ اختيارن جي ورڇ آئين جو بنيادي روح آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب جسٽس مقبول باقر وڌيڪ لکيو ته صحت ۽ سرڪاري اسپتالن جو معاملو اسان جي قانون سازي جي تاريخ ۾ صوبن وٽ مخصوص رهيو آهي. هي معاملو ڪڏهن به وفاق جي بندوبست هيٺ ناهي رهيو.

1973 جي آئين جي تحت، جنهن ۾ هاڻ 18هين آئيني ترميم به شامل آهي؛ ان ۾ قانون سازي جي رڳو هڪ فهرست موجود آهي ۽ اُها آهي وفاقي قانون سازي فهرست، پر هو صوبن جي لاءِ به اهڙي طرح جي اختيارن جي ڳالهه ڪندو آهي جنهن جي ڪري صحت ۽ اسپتالن جا معاملا رڳو صوبائي وائري ڪار ۾ ايندا آهن. جسٽس مقبول باقر نوٽ ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته وفاقي قانون سازي ۾ ان معاملي جي حوالي سان قانون سازي جو فقدان آهي جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 142 (سي) به پارليامينٽ کي ان قسم جي قانون سازي کان روڪيندو آهي جنهن جو ذڪر وفاقي قانون جي فهرست ۾ نه هجي.  سندس وڌيڪ چوڻ هو ته بنا شڪ وفاقي قانون سازي جي فهرست ۾ انٽري نمبر 37  جي ذريعي وفاق جي دائري ڪار ۾ موجود ڪم، زمين ۽ عمارتن جو ذڪر آهي. اهڙي ريت اثاثا ۽ ملڪيت، جيڪا ان نقطي جي لکت ۾ پاڻ واضح آهي. رڳو وفاقي مقصدن جي لاءِ آهي ۽ انهن ۾ صوبن جو ڪو به عمل دخل ناهي. اهڙي ريت جيئن ته ان کان پهرين ذڪر ڪيو ويو ته صحت ۽ سرڪاري اسپتالن جو معاملو صوبن سان مخصوص آهي جنهن کي ڪنهن طور وفاقي مقصدن جي لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *