Wednesday , April 17 2024

بااثر سياسي شخص جي ڌيءُ جي مقرري وارو مامرو، جناح اسپتال جي 5 سينئر ڊاڪٽرياڻين پاران استعيفيٰ جو فيصلو:ذريعا

ڪراچي: سنڌ جي هڪ انتهائي بااثر شخصيت جي ڌيءُ ڊاڪٽرياڻي جي جناح اسپتال ڪراچي ۾ مقرري وآري فيصلي خلاف، سينئر ڊاڪٽرياڻين احتجاجن استعيٰ ڏيڻ  جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

جناح اسپتال جي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب، اسپتال جي گائني وارڊ جي سينئر ڊاڪٽرياڻين جن ۾ ، ڊاڪٽر پروفيسر شيرين ڀٽو، ڊاڪٽر پروفيسر خديجا، ڊاڪٽر شازيہ، ڊاڪٽر حليمان ۽ ڊاڪٽر ميمونہ شامل آهن انهن استعيفي ڏئي ڇڏي آهي.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب پنجن ئي ڊاڪٽرياڻين استعيفائون گذريل ڇنڇر واري ڏينهن ڏنيون، جنهن جو مک ڪارڻ، جناح اسپتال جي گائني وارڊ ۾، سنڌ جي هڪ انتهائي بااثر شخصيت جي ڌيءُ ڊاڪٽر نصرت شاھ جي مقرري آهي. www.sindhsamaachar.com مليل ڄاڻ موجب استعيفا ڏيندڙ ڊاڪٽرياڻين کي ان ڳالھ تي راضي ڪيو ويو آهي ته، هُو في الحال مامري کي ٿڌو رکن، سندن خدشن بابٽ غور ڪيو پيو وڃي ۽ جلد سندن شڪايتن جو ازالو ڪري “ايڊجيسٽ” ڪيو ويندو. اهڙي پيش ڪش بعد مامرو اڃا تائين اتي جو اتي بيٺل آهي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته استعيفا ڏيندڙ ڊاڪٽرياڻين مان به ٻه ڊاڪٽرياڻيون بااثر خاندان سان واسطو رکن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *