Thursday , April 25 2024

جناب احمد علي شيخ صاحب ! چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ياد ته هوندو؟ اصغر آزاد

جناب احمد علي شيخ صاحب ! چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪامريڊ سوڀو ياد ته هوندو؟ اصغر آزاد

جناب اعليٰ ! چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ صاحب، اوهان کي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ڪامريڊ حيدر جويو صاحب ته پڪا ياد هجڻ گهرجن، ٻين جو ذڪر آءُ نه ٿيو ڪيان، اوهان جي ماضي کان اوهان کي ئي ڇا ڇا ياد ڏيارجي…؟؟ اها منهنجي حيثيت ناهي، مان هڪ جيتامڙوانسان آهيان، منهنجي حيثيت ناهي ته اوهان جي ماضي جي سياسي فڪر، وڪالت جي شعبي دوران جي ڪيل خدمنتن ۽ سنڌ هاءِ  ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حيثيت ۾ کنيل قدمن توڙي فيصلن تي ڳالهيان، ان کي اهو نه سمجهه جو ته ڪو توهين عدالت يا تعريف عدالت جو ڀؤ آهي نه هرگز نه . اهڙا خوف ننڍي هوندي کان ڀڳل آهن….

جناب اعليٰ!

لاڙڪاڻي جي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي ڀيڻ نمرتا واري موت، جيڪو اڄ تائين پراسرار لکيو پي ويو؛ اُهو نه ته پر اسرار رهيو آهي ۽ نه ئي وري سکڻو موت رهيو آهي….

جناب اعلي! احمد علي شيخ صاحب، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، اوهان جي اباڻي شهر جي چانڊڪا اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي جي رپورٽ ته نمرتا چنداڻي جي ڪيس کي چٽو ۽ واضح ڪري ڇڏيو آهي، پوءِ به ڪي ڪميٽيون، ڪي قلم ڌڻي، ڪي نام نهاد سماج سڌارڪ ڪيس کي بگاڙڻ ۾ مصروف آهن. اوهان ڊاڪٽر عنايت مگسي نالي شخص کي به چڱي نموني سڃاڻندا آهيو، ان جي به وڊيو دنيا جهان ۾ هلي پئي…..

جناب چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، احمد علي شيخ صاحب! پڇڻو اهو آهي ته هن سڄي وارتا ۾ اسانجي ڀيڻ نمرتا جو ڪيس لڙهندي نظر اچي رهيو آهي، ان ۾ نمرتا جو لاش اسپتال منتقل ٿيڻ دوران سندس موت کي آپگهات قرار ڏيندڙ هڪ عورت وي سي به پنهنجون سموريون ”صلاحيتون“ استعمال پئي ڪري…. هاءِ پڇيو اهو پئي ته اوهان آخر ڇو خاموش آهيو؟؟ جناب اعليٰ، اوهان وٽ کوڙ سارا اختيار آهن، اُهي استعمال ڪري سگهجن  ٿا يا نه؟؟

ها! اڄ هي هڪڙو سوال آهي، سڀاڻي سوال ٻيا به ٿي سگهن ٿا، ڇو ته اسان کي سوال ڪرڻ / پڇاڻو ڪرڻ واري سگهه ڏيندڙن ۾ فڪري طور اڻسڌي طرح  اوهان به شامل آهيو.

پير شاهه محمود قريشي! ڪرتارپور- گريٽر پنجاب آهي تصوف نه….. اصغر آزاد

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *