Thursday , March 28 2024

جمهوريت ۾ جيتري طاقت ۽ برداشت هئي ايترو مشرف کي روڪي سگهياسين: خواجا سعد رفيق

اسلام آباد(رپورٽر   سنڌسماءَ چار) وفاقي وزير ۽ نواز شريف جي ويجهي ساٿي خواجا سعد رفيق اڻسڌي طرح اقرار ڪيو آهي ته، ن ليگ جي حڪومت پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪي نه سگهي، قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران تقرير ڪندي خواجا سعد رفيق چيو ته، جمهوريت ۾ جيتري طاقت هئي اسان ايستائين پرويز مشرف کي روڪي رکيو. مشرف جو نالو عدالت جي حڪم تي اي سي ايل مان ڪڍيو وي جمهوريت ۾ جيتري جان هئي اوتري دير تائين مشرف کي روڪي رکيو، جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ ۾ عمران خان جي پارٽي جو مرڪزي ڪردار رهيو آهي. ڪير امپائر جو آواز ڪڍندو آهي ۽ پاليامينٽ جي تذليل ڪندو آهي، پارليامينٽ جو جهنگلو ٽوڙو ويو، پي ٽي وي تي قبضو ڪرايو ويو ۽ عمران خان وڏي واڪي طاهر القادري کي واڌيون ڏيندو رهيو. هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ اسان اليڪشن ڏانهن وڃي رهيا آهيون جڏهن نفرت پکڙجي رهي آهي ڇو ته نفرت جا جيڪي ٻج پوکيا ويا اڄ اُهي وڻ بڻجي چڪا آهن. خواجا سعد رفيق عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته ايوان توهان جي مينڊيٽ جو تحفظ ڪيو ۽ استعيفيٰ واپس ڪئي، جيڪڏهن توهان اڄ ايوان ۾ آگهيو ته اسان جي مهرباني آهي ان جي سزا نه ڏيو. اسان ڪنهن جي نااهلي جي حق ۾ ناهيون، وارو سڀني کي ڏنو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *