Thursday , April 25 2024

جمهوريت کي فوج مان نه پر عوام جي اميدن تي پورو نه لهڻ مان ٿي سگهي ٿو:ڊي جي آءِ ايس پي آر

پاڪ فوج جي ترجمان ڊي جي آءِ آيس پي آر ميجر جنرل آصف غفور باجوه چيو آهي ته ملڪ ۾ سويلين بالادستي قائم آهي، جمهوريت کي پاڪ فوج مان ڪو به خطرو ناهي، جيڪڏهن جمهوريت کي ڪو خطرو آهي ته اهو جمهوريت جي لاءِ گهرجون پوريون نه ڪرڻ يا عوام جي اميدن تي پورو نه لهڻ مان ٿي سگهي ٿو. هر فيصلو وقت جو حاڪم/ حڪمران ڪندو آهي، معشيت جي حوالي سان بيان تي قائم آهيان، منهنجي ڳالهه ذاتي نه پر فوج جو موقف هوندو آهي، فوج معشيت تي ڪو بحث شروع نه ڪيو آهي، اختلاف راءِ ٿيندو رهندو آهي، پر ملڪي سلامتي تي اسان سڀ هڪ آهيون. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور باجوا ڇنڇر ڏينهن راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ ايس پي آر جي سربراهه ميجر جنرل آصف غفور چيو ته، ڪينيڊين شهري جي بازيابي هڪ آپريشن ذريعي ٿي، آمريڪي سفارتخاني چار بجي شام جو جي ايڇ ڪيو کي اطلاع ڏنو، آمريڪي سفير اسان کان مدد طلب ڪئي. آمريڪي ايجنسي جي رپورٽ تي اسان آپريشن ڪيو. آپريشن دوران اسان جي پهرين ترجيح اها هئي ته قيدين جي حفاظت سان بازيابي ڪرائجي. هن چيو ته ڪينيڊين شهرين کي جنهن هنڌ تان بازياب ڪرايو ويو، انهي جي ڀر ۾ افغان پناهگير  ڪئمپ به هئي. هن چيو ته اسان سدائين اهو چيو آهي ته افغان پناهگيرين کي واپس وڃڻو آهي،هن چيو ته آمريڪي اتنظاميه جنهن اعتماد جو مظاهرو ڪيو آهي انهي تي اسان کي خوشي آهي، انهي جي ڪري اسان چئون ٿا ته جيڪڏهن انهي اعتماد جو رشتو هوندو ته اسان هر اهو ڪم ڪنداسين جيڪو اسان جي ملڪ جي مفاد جو هوندو اسان پنهنجي ملڪ ۾ ڪافي ڪجھه ڪيو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور باجوا، احسن اقبال جي موقف جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته کيس ان سوال جي توقع هئي ته اوهان/صحافي ان بابت ضرور پڇندا؛ هن چيو ته معشيت جي حوالي سان ميڊيا تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي،احسن اقبال چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر غير ذميواراڻي ڳالهه ڪئي۽ اهڙيون ڳالهيون دشمن کي ڪرڻ گھرجن انهي تي مون کي فوجي جوان ۽ پاڪستاني جي حيثيت ۾ ڏک ٿيو آهي. آئون پنهنجي بيان تي قائم آهيان. ڪراچي ۾ معشيت تي هڪ سيمينار ۾ ٽي اڳوڻا ناڻي وارا وزير ۽ هڪ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر به موجود هو؛ انهي ۾ آرمي چيف جو مک خطاب به هو. آصف غفور باجوا چيو ته مون جيڪو بيپر ڏنو هو انهي کي وري ٻڌڻ گهرجي، مون ڪٿي نه چيو آهي ته معشيت غير مستحڪم آهي يا ڪم نه ٿو ٿئي. اسان سڀني گڏجي ڪم ڪيو آهي مون ڪڏهن نه چيو آهي ته رڳو فوج ڪم ڪيو آهي. سڀني ادارن ڪم ڪيا آهن. سندس چوڻ هو ته سيڪيورٽي نه هوندي ته معشيت مضبوط نه ٿيندي. هن چيو ته آرمي چيف چيو آهي ته ٽيڪس ڏيو، حڪومت جيڪي ٽيڪس نوٽيس ڏنا انهي مان 39 سيڪڙو تي عمل ٿيو، انهي مان به گھڻي اوڳاڙي اڻ سڌن ٽيڪسز جي اوڳاڙي ٿي آهي. نجي شعبي مان رڳو 40 سيڪڙو ماڻهن کان ٽيڪس اوڳاڙي ٿي آهي، هن چيو ته آرمي چيف چيو ته جيڪڏهن ترقي ڪرڻي آهي ته ٽيڪس سڌارا ڪرڻا پوندا ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آئون هتان جڏهن به ڳالهه ڪريان ٿو ته اهو منهنجو ذاتي موقف نه آهي پر اهو فوج جو موقف آهي. معشيت تي ڳالهه ڪراچي سيمينار جي حوالي سان ڪئي هئي. اسان هر اهو ڪم ڪنداسين جيڪو آئين ۽ قانون چوي ٿو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور واضع ڪندي چيو ته، جمهوريت کي فوج کان ڪو خطرو ناهي. جمهوريت کي خطرو انهي جون گھرجون پوريون نه ڪرڻ جي ڪري ٿي سگهي ٿو، عوام کان ٿي سگهي ٿو. آرمي چيف به چيو آهي ته جمهوريت کي ڪو خطرو ناهي، هر اهو ڪم ڪنداسين جيڪو قانون ۽ آئين چوي ٿو.  ملڪ کي ترقي ڪرڻي آهي ته انهي جي لاءِ استحڪام ضروري آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته؛ اها سويلين بالادستي آهي، آرمي چيف يا نيول چيف کي ڪير مقرر ڪري ٿو، رينجرز آپريشن جي منظوري ڪير ٿو ڏي، راه راست آپريشن، ضرب عضب آپريشن سڀني جي منظوري حڪومت ڏي ٿي، رياستي ادارا اڪيلائي ۾ ڪم نه ڪندا آهن، اصلي فيصلو حاڪم وقت جو هوندو آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ڪو اهڙو ملڪ ناهي جتي اختلاف راءِ نه هجي، انهي مان مثبت طريقي سان اڳتي وڌبو آهي. اسان ۾ کڻي ڪهڙو به اختلاف هجي پر ملڪ جي سلامتي جي معاملي تي هر پاڪستاني ۽ هر ادارو هڪ آهن، ٻاهر جي دنيا کي اها ڳالهه سمجهڻ گھرجي. معشيت جي حوالي سان فوج بحث جي شروعات نه ڪئي آهي. معشيت تي دنيا ۾ سيمينار ٿيندا آهن، انهي سيمينار ۾ ڪير هو؟اها لسٽ مون ڏني آهي،گلاس اڌ خالي يا اڌ ڀريل جي ڳالهه آهي ته باقي رهيل گلاس ڀرڻ جي لاءِ ڪاروباري طبقي سان ڳالهائڻو پوندو، جيڪڏهن معشيت رڳو قرضِ تي هلندي ته سيڪيورٽي صورتحال تي به سوديبازي ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن معشيت مستحڪم هوندي ته اسان سمورا مسئلا حل ڪري سگهون ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *