Thursday , March 28 2024

جماعت اهلسنت چونڊ بل 2017 رد ڪري ڇڏيو

ڏھرڪي(علي مراد- سنڌسماءَچار) مرڪزي امير مرڪزي جماعت اهلسنت پاڪستان 2017 جي ترميمي بل کي رد ڪري ڇڏيو

مرڪزي امير مرڪزي جماعت اهلسنت  پاڪستان  پير طريقت رهبر شريعت سائين عبد الخالق قادري سجاده نشين خانقاه عاليه قادريه ڀرچونڊي شريف ۽ سنڌ سماءَ چار سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ ماڻھو خاطرملڪي آئين ۽ ويھ ڪروڙ عوام کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي. آئين مان صدق ۽ سچي دل سان ختم نبوت صلي الله عليه وسلم جي اقرار جا لفظ ختم ڪرڻ دين اسلام ۽ آئين سان غداري آھي. مسلم ليگ هاڻي پنهنجي نالي مان مسلم جو لفظ به ڪڍي ڪري صرف نواز ليگ يا قادياني ليگ نالو رکي مولانا فضل الرحمن ۽ نوازشريف قادياني لاڀي جي هدايت تي چور دروازي کان قاديانن کي اسيمبلي ۾ آڻڻ جي ناپاڪ سازش ڪن ٿا جيڪا اسان ڪڏھن به برداشت نه ڪنداسين ۽ ڪروڙين غيرتمند پاڪستاني ختم نبوت صلي الله عليه وسلم جي عقيدي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو برداشت نه ڪندا اگر هي ترميمي بل واپس وٺي پهرئين وارو قانون بحال نه ڪيو ويو ته  علماء و مشائخ سان گڏجاڻيون ڪري جمعت المبارڪ کان پوء پوري ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *