Friday , April 19 2024

جماعت الدعوه ۽ فلاح انسانيت فائونڊيشن تي پابندي لاڳو،حافظ سعيد جي گرفتاري جو امڪان

اسلام آباد(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت حافظ سعيد احمد جي جماعت الدعوه ۽ فلاح انسانيت فائونڊيشن تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي، گهرو وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي تنظيمن تي پابندي دهشتگردي ايڪٽ 1997 تحت لڳائي وئي آهي.وفاقي گهرو وزارت جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته، ٻنهي تنظيمن کي دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ جي شيڊول (هڪ) ۾ به شامل ڪيو ويو آهي. ان ئي سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته، جماعت الدعوه ۽ فلاح انسانيت جي سربراهه حافظ سعيد احمد کي گرفتار يا ايم پي او تحت نظربند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گهرو وزارت جي ذريعن مطابق حافظ سعيد جي گرفتاري يا نظربندي لاءِ وزيراعظم عمران خان کي خط لکيو ويو آهي جنهن جي حتمي منظوري وزيراعظم ڏيندو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *