Friday , April 19 2024

جماعت الدعوه جي سربراهه حافظ سعيد احمد کي 11 سال قيد جي سزا

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جماعت الدعوه جي سربراهه حافظ سعيد احمد ۽ سندس هڪ ساٿي کي ٻن ڌار ڌار ڪيسن ۾ ٻڻهي کي الڳ الڳ ساڍا 5-ساڍا 5 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ڏئي ڇڏي

لاهور(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت، جماعت الدعوه جي سربراهه حافظ سعيد احمد کي ٻڻ ڌار ڌار ڪيسن ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور تي 11 سال سخت پورهئي سان گڏ قيد ۽ ٽيهه هزار رپيا ڏنڊ جي سز ٻڌائي ڇڏي آحي، حافظ سعيد احمد کي آيل ساڍا پنج-ساڍاپنج سالن جون سزاائون گڏوگڏ ڳڻيون وينديون جنهن سان هُو صرف  سال جيل ۾ قيد ڪاٽيندو. عدالت سي آر پي سي جي قلم 382 بي تحت (سزا ۾ گهٽتائي) جو فائدو به ڏنو ويو آهي، ساڳئي ڪيس ۾ عدالت الانفال ٽرسٽ جي سيڪريٽري ملڪ ظفر اقبال کي به ساڳئي سزا ٻڌائي وئي آهي، عدالت پاران سزا ٻڌائڻ وقت ملزم حافظ سعيد احمد پڻ عدالت ۾ موجود هو.

حافظ سعيد احمد کي پابندي مڙهيل تنظيم جي ميمبرشپ، سهولتڪار، مدد ۽ ان سام ملاقاتن جي ڏوهه ۾، دهشتگردي ايڪٽ  جي شق 11-ايف(2) 11-اين((جنهن ۾ 11-ايڇ کان 11-ڪي تائين سزا جوڳو ڏوهه آهي)، قلم 11ايڇ تحت دهشتگردي جي نيت ساان چندو گڏ ڪرڻ آهي، 11-آءِ جو واسطو دهشتگردي لاءِ ڏوڪڙ ڏيڻ يا ان نينت سان چندو گڏ ڪرڻ سان آهي ۽ ٻيا قلم به اهڙن ئي ڏوهن سان لاڳاپيل آهن. حافظ سعيد احمد جي وڪيل عمران گِل پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي کي ٻڌايو ته حافظ سعيد احمد کي جماعت الدعوه جي سربراهه پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم جو حصو رهڻ ۽ غيرقانوني ملڪيت رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ٻڌاائي وئي آهي. ڪيس جي سرڪاري وڪيل پراسيڪوٽر  عبدالرئوف  وٽو خابرو اداري کي ٻڌايو ته، حافظ سعيد ۽ سندس ساٿي خلف ڪيس ۾ شاهديون ۽ ثبوت چتا ۽ واضح هئا، جن جي بنياد تي عدالت کين سز ٻڌائي. لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت هلندڙ فيبروري جي ڇهين تاريخ تي ڪيس جي ٻڌڻي دوران سرڪار ۽ جوابدارن جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو، جيڪو جج ارشد حسين ڀٽا اربع 12 فيبروريءَ تي ٻڌايو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *